ڇا لکجي ڪنهن تي لکجي.جنهن لاءِ لکجي.اسان جو هانُ هاڻ سڙي پيو آهي،ڇوته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جي ڄُنڊا پٽ واري سياست مان فهرست ئي نه ئي پئي ملي حڪمران هڪ ٻئي جا عيب تلاش ڪرڻ ۾ پورو آهي،سنڌ حڪومت چئي ٿي ته اسانکي حق نه ملي رهيا آهن ۽ وفاق وٽ آءِ ايم ايف وٽ هٿ ۾ ڪشتو آهي،انهي سموري صروتحال ۾ رڳو ڏسڻو اهو آهي ته حڪومتون ڇا پيون،ڇا حڪمران عوام جي حقن جو تحفظ ڪري رهيا آهي ڇا اهي عوام جي رليف مهيا ڪري رهيا آهن،ڇا عوام سان انصاف ٿي رهيو آهي يا انصاف جي سمورا در بند آهن،سنڌي قوم جو ڪجهه نصيب ئي اهڙو آهي،اڄ جا نوجوان .حڪمرانن جي جهيڙي تي لکڻ فخر محسوس ڪندا آهن ۽ وڏي حام هڻي چوندا آهن ته اسان ڪرنٽ اشوز تي لکي رهيا آهيون،پر افسوس ته انهي ڳالهه جو آهي ته انهن جي اڳيان سموري سنڌ جا ڪروڙين مسئلا سامهون آهن،جن تي هوُ لکڻ لاءِ تيار ناهن،،سنڌ ۾ وڌندڙ مارا ماري ڪارو ڪاري جهڙيون ڪنيون رسمون اڃان به ختم ناهن ٿيون.جن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ اڃان اونڌاهين واري دور ۽ پٿرن واري دور مان گذري پئي،جڏهن ته اڄ جا سياستدان انهي دور جي جديد دور چئي ڪري الائي ڇا ثابت ڪرڻ ڪرڻ ٿا چاهين،سنڌ جي مقدر ۾ رڳو لاش آهن، پر اهو ضروري ناهي ته جن جي مقدر ۾ لاشا هجن اهي فتح ناهن ماڻي سگهندا...! پر اهو به سچ آهي ته فتح هميشه لاشن ۾ لڪل هوندي آهي، جڏهن ڌرتي جي ڪونڌر ڪسبا آهن، جڏهن ڪربلا جون يادون تازيون ٿينديون آهن، جڏهن ڀيڻ جا پلو لڙڪن جي موتين سان مالائون ٺاهيندا آهن، جڏهن جهوني پيءُ جا ڪنڌ نوجوان پٽن جي لاشن جا بار کڻڻ لاءِ خوشي مان اڳ ٿيندا آهن، جيڪي مائرو پٽن جا لاش مرڪندي گهر مان الوداع ڪن ٿيون، انهي ڌرتي تي فتح جي صبح جا آثار ،صبح جي ڪرڻن وانگر مرڪندي ڀرندا آهن، اهڙي ئي ڌرتي آهي جتي جون مائرون اڄ به پنهنجون جهوليون خالي ٿيندي ڏسي رهيون آهن جتي جا پوڙها پيءُ اڄ به ڪونڌر ڪلهن تي کڻي مٽي ماءُ حوالي ڪيو اچن..جت ڀينريون ڀائرن جون ساٿي بڻجي گهر مان گهوٽ سمجهي لاشن کي روانيون ڪن ٿيون.... ها اها ڌرتي “سنڌ” ڌرتي آهي ،جتي ماني جي ڳڀي گهرڻ لاءِ موت ملي رهيو، جتي انڌن ۽ ٻوڙن حڪمرانن جون حڪمرانيون هجن،سنڌ جي معصوم عوام جي حقن جو آواز سنڌ ۾ ڇو پيو دٻايو وڃي..ڇو..؟ ڇا پنهنجو حق وٺڻ ڏوهه آهي...؟پنهنجي ديس واسين جي دردن جو بار حلقو ڪرڻ لاءِ حق وٺڻ مان سمجهان ٿو ته ڪو جرم ناهي..؟اسان کي ڪهڙا ته سک مليا آهن.؟ هن ڌرتي تي ڪير ٻڌائيندو...؟ اسان جي حقن تي ڌاڙا ڪنهن کان ڳجها آهن..؟ پر افسوس آهي جو ڪير اسان جو ناهي جيڪو اسانجي دردن جو ڪتاب پڙهي انهي جي ورق ورق جو حساب ڪير ڪري، مظلوم ماڻهن جي مالڪي ڪير ڪري..! ڪير آهي جيڪي روئندل اکين جا ڳوڙها اگهي.. ڪير آهي جنهن کي ترس اچي. اسان زندگي جي الاءِ ڪهڙي موڙ تي اچي پهتا آهيون خبر ناهي اسان جي منزل ڪٿي آهي ۽ اها به خبر ناهي ته اسين ڪهڙي راهه جا مسافر آهيون اسان جي اکين مان ننڊون رسي چڪيون آهن اسانجي رهبرن اسان جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي اسان وسنڌين ۾ هوندي به رڻن جا راهي آهيون اهي رڻ جيڪي سفرن جي لائيڪ ئي ناهن اسان پنهنجي اکين اڳيان موت جا هزارين منظر پنهنجي اکين جي آرسي ۾ بند ڪري ڇڏيا آهن اسان پنهنجي معصومن جي تن جا بنا ڪپڙن جي ڪاڙهن کي ڪڙِيل زّخم ناسور ٿيندي ڏٺا آهن .اسان جي همت اسان جا حوصلا پست ٿي چڪا آهن اسان جيڪي تنهائن جي سفرن جي نڪتل هئاسين سي هاڻي اڌ راهه رلي ويا آهيون اسان پنهجون منزلون وڃائي ويٺا آهيون اکين جو نور هوندي به پاڻ کي انڌا محسوس ڪري رهيا آهيون ڪنن جي پڙلاُاو هوندي به ڪنن کان ٻوڙا آهيون اسان کي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته اسين ڇا ڪريون اسان ڪيڏانهن وڃون. اسان مان ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونهي، جيڪو اها هام هڻي ته هو سک ۽ سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي.اسان مان هر ڪو پريشان ۽ حيران آهي. هر ڪو هي ڳالهه مڃي ٿو ته پاڻ ڏکين ڏينهن مان گذري رهيا آهيون . اسان جي چؤطرف مسئلا ۽ مونجهارا آهن.وڌندڙ دهشتگردي،ماراماري،ڦرُ،ڌاڙا،ڪارو ڪاري،بم حملا هر طرف غربت آهي ته ٻئي طرف بيروزگاريءَ آهي. تعليم هجي يا تجارت ملازمت هجي يا سياست، زندگيءَ جو هر هڪ شعبو مفلوج ٿي رهيو آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، تيئن تيئن درد ۽ دک وڌندا پيا وڃن. جنهن به مسيحا هجڻ جي دعويٰ ڪئي تنهن دوا بدران درد ڏنو. هر ڪو پنهنجو ڪتاب کڻي آيو، هر ڪو پنهنجو نظريو کڻي آيو، هر ڪنهن پاڻ تي ايمان ۽ اعتقاد آڻڻ جي تلقين ڪئي. ڪنهن به قوم تي ۽ عوام تي اعتماد ڪونه ڪيو. مطلب ته جيڪو آيو سور ڏئي ويو ۽ پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو. اڻکٽ درد جي موجودگيءَ ۾ اسان ۾ هاڻي دوا جو احساس به پيدا ٿي چڪو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ڏکن ۽ ڏوجهرن مان چوٽڪارو ملي. مسئلا ۽ مونجهارا ختم ٿي وڃن ۽ هر ڪو سک جو ساهه کڻي. سنڌي قوم سنڌ ڌرتي تي جيڪا اڄ ڌڻي هوندي به بي ڌڻي بڻيل آهي .جتي اڄ ڪو به محفوظ ناهي رهيو. جت ماڻهو مارڻ آسان ۽ ماني ڳڀو ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي، جت ڀوتار شاهي مظلومن جون دانهون ڪوڪون ٻڌڻ بجاءِ ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏي، جتي جي نياڻِين جي چولن کي چتيون لڳل هجن ۽ سامراجن جا ڪتا به ڪڪڙ کائن.. انهي ڌرتي جي عوام رت نه روئيندي ته ٻيو ڇا ڪندي. پر انهن رڙين ۽ ڪوڪن جو اثر ڪنهن تي ڇو نه ٿو ٿئي..!ڇا.؟هت واقعي انڌن ٻوڙن جي حڪومت آهي پر نظرياتي طور ڏسجي ته جيڪو حق قومن جو آهي اهو سڀ حق هڪ جهڙو آهي. پوءِ اهو چاهي سنڌي هجي پنجابي هجي پٺاڻ هجي يا مهاجر هجي بلوچي هجي پر ڏسڻ ۾ اهي پيو اچي ته اقتدار جون واڳون سنڀاليندڙن جي نظر صرف سنڌين تي نه ٿي پوي.. يا انهن جي اکين جي نقشي مان سنڌ ۽ سنڌي لفظ جي نقش کي مٽايو ويو آهي. هي وقت صبر جو آهي هن وقت سنڌ تي هڪ وڏو امتحان آهي جنهن ۾ گذرڻ ڏکيو ضرور آهي پر صبر به ضروري آهي اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ تي سورن جي سج جي شام ٿيندي خوشين جي نئون سج اڀرندو. جنهن ۾ ڪا به اک لاهي نه هوندي جنهن لڙڪ جون قطارون نه هونديون. جنهن ۾ پوڙهي پيءُ جا درد نه هوندا، جنهن ۾ ماءُ جيجل جو جهول ماتم سان نه ڀربو، پر اهو وقت ضرور ايندو بس اکين کي آس ضرور آهي ۽ دعا آهي ته اهي سفر جي آخري مرحلي ۾ هجن جئين سنڌ مرڪي پوي
0 تبصرے