سامارو جي صحافين پاران عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو ايس ڊي او ايريگيشن خلاف احتجاج

صحافي کيمچند مالهي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ جي مذمت ڪريون ٿا، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي: قلم ڌڻي

سامارو جي صحافين پاران عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو ايس ڊي او ايريگيشن خلاف احتجاج

عمرڪوٽ ( رپورٽر) سامارو جي صحافين پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو ايس ڊي او ايريگيشن ڪنري سليم نارائي پاران صحافي کيمچند مالھي تي ڪوڙو ۽ انتقامي ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سامارو جي صحافين سان گڏ عمرڪوٽ جي سينيئر صحافين، سول سوسائٽي ۽ پريس ڪلب جي ذميوارن پڻ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي، کيمچند مالھي، نادر بروھي، ادريس سينھڙو، مھيش مالھي، بلال سينھڙو ڪئي، جڏهن ته سيف اللہ منڱريو، ولي خان، ھرچند ساگر، سوائي مل رکيسر، سجاد علي شيخ، سورج ڪمار مالھي، زاھد خان، حيدر لغاري ۽ ٻين به احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ايس ڊي او ايريگيشن ڪنري سليم نارائي، داروغو ۽ پرائيويٽ ملازم سان ملي ڪري صحافي کيمچند مالهي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جيڪو سراسر ڏاڍ ۽ صحافت تي حملو آهي، مظاهرين جو مطالبو هو ته فوري طور تي ان معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن کي قانوني ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، مظاهري کي خطاب ڪندي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي چيو ته اھو سيد سردار علي شاھ جو حلقو آھي، سردار علي شاھ ۽ نواب تيمور ٽالپر فوري طور نوٽيس وٺن ۽ صحافين سان ٿيندڙ ظلم جو ازالو ڪن، صحافت جي آزاديءَ تي وار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبو، ان موقعي تي سرپرست اعلي پريس ڪلب عمرڪوٽ حاجي گل حسن آريسر چيو تہ ايس ڊي او ايريگيشن جي ڪرپشن نااھلي خلاف خبرون ھلائڻ تان کيمچند مالھي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪجي ٿي اعلي اختيارين نوٽس وٺي ايس ڊي او ايريگيشن خلاف فل فوري ڪاروائيءَ ڪئي وڃي، ان موقعي تي کيمچند مالهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون تي جان ليوا حملو ٿيو، ۽ هاڻ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي مون کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان حوصلي سان پنهنجو ڪم جاري رکنداسين، انتظاميه ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته فوري طور ڪارروائي ڪري ڏوھارين کي گرفتار ڪيو وڃي، ھن وڌيڪَ چيو ته اسان سچ لکنداسين، ظلم جي سامھون ڪڏھن بہ نہ جھڪنداسين، جيڪڏهن صحافين کي تحفظ نہ مليو ته پوءِ ڪير به محفوظ نہ هوندو، احتجاجي مظاهري دوران صحافت تي حملو بند ڪريو، جھڙتو ڪيس واپس وٺو، ايس ڊي او سليم نارائي خلاف فل فوري ڪاروائيءَ ڪريو "حيسائڻ بند ڪيو" جهڙا نعرا ھنيا ويا، مظاهرين مطالبو ڪيو ته صحافت جي آزاديءَ کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ مظلوم صحافي کي انصاف ڏياريو وڃي، نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.