English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سچل ڳوٺ ۾ بدامني خلاف مختلف پارٽين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، نعريبازي
36 views
|
18th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سچل ڳوٺ ۾ بدامني خلاف مختلف پارٽين جي اڳواڻن احتجاجي ريلي ڪڍي.ايس يو پي، پاڪستان تحريڪ انصاف، فنڪشنل ليگ، سنڌ عوامي ساٿ، جماعت اسلامي، عوامي راج تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻن ۽ مقامي رهواسين احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪئي. سچل ڳوٺ جي مک دروازي کان جي تري اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي مظاهرين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندا رھيا ، ان موقعي تي ڊاڪٽر علي نواز گبول، ستار ڏاهري، عبدالواحد مغيري، قمبر حاجانو، آفتاب گوپانگ، ۽ ٻين چيو ته سچل پوليس بدامني تي ضابطو نه آندو. روز چوريون ڊڪيتيون ٿي رھيون آهن پر پوليس جي ڪن تي جونء به نٿي سري ، انھن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو هو جنهن ۾ ايس ايڇ او سچل يقين ڏياريو ھو ته بدامني تي قابو آندو ويندو ، پر ان تي عمل نه ڪيو ويو. جڏهن ته، احتجاج ڪندڙن ۾ ايس يو پي ضلعي اوڀر جي صدر ستار ڏاهري جي دڪان تان ڦرلٽ ٿي. انهن مذمت ڪندي چيو ته اسان جو خيال آهي ته پوليس چورن ۽ ڌاڙيلن کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي. انهن چيو ته اسان سچل ڳوٺ کي ڪشمور نه بڻجڻ ڏينداسين. انهن وڌيڪ چيو ته اسان هن نااهل سنڌ پوليس جي چيف کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن بدامني تي ضابطو نه آندو ويو ته سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو ۽ ايس ايس پي ايسٽ آفيس جي سامهون بک هڙتال جو اعلان ڪيو ويندو:
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Dec 2025
•
تازہ ترین
سینئر صحافی مشتاق سرکی کا بھائی آفاق سرکی بازیاب ہو گیا
18th Dec 2025
•
تازہ ترین
آفاق سرکی بازیاب نہ ہوئے، مشتاق سرکی نے حکومت کو 72 گھنٹے کی مہلت دی
18th Dec 2025
•
شوبز
بھارتی اداکارہ اپنی نازیبا تصاویر وائرل ہونے پر پولیس پہنچ گئیں
18th Dec 2025
•
تازہ ترین
کراچی میں لرزہ خیز واردات: سابق منگیتر نے خاتون کو قتل کر دیا، خالہ کو فون کر کے اعترافِ جرم
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي ماڻھن جي اميدن جي برخلاف ڪم ڪيو آھي: اياز لطيف پليجو
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ويجهو ٺٽ ڳوراهو ۾ مفت اکين جي ڪيمپ قائم
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن ۾ هزارين آبادگارن کي هاري ڪارڊ جي قسط جاري نه ٿي
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ ڪيميڪل جي کير جو وڪرو عروج تي پھتل، ڪيميڪل کير واپرائڻ سبب ڪيترين بيمارين ڪر کڻڻ لڳيون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
سچل ڳوٺ ۾ بدامني
0 تبصرے