حيدرآباد: بورڊ آف روينيو جو نئون مقرر ٿيل سينئر ميمبر سيد خالد حيدر شاھ اڄ آفيس پهچهندو

حيدرآباد: بورڊ آف روينيو جو نئون مقرر ٿيل سينئر ميمبر سيد خالد حيدر شاھ  اڄ آفيس پهچهندو

حيدرآباد(اطهر ميمڻ) بورڊ آف روينيو جو نئون مقرر ٿيل سينئر ميمبر سيد خالد حيدر شاھ بورڊ آف روينيو سيڪريٽريٽ حيدرآباد سڀاڻي اڄ پهچهندو ۔ بورڊ آف روينيو سيڪريٽريٽ جي مختلف سيڪشن جو دورو پڻ ڪري روينيو جي آفيسر توڙي ملازمن سان ملاقاتون پڻ ڪندو۔ جڏهن ته سندس دوري کان۽ اڳ بورڊ آف روينيو جي ايڊمنسٽريشن طرفان بورڊ آف روينيو اند بجلي جي جاري اک ٻوٽ بعد سولر سسٽم جو پلانٽ پڻ لڳائڻ جي حوالي سان آپڪا سنڌ امن گروپ جي صوبائي قيادت طرفان مسلسل ميڊيا تي آواز اٿارڻ جو نوٽيس وٺي ۔ سولر سسٽم جاباڪاس فٽ ڪري چڏي آهن۔ جنهن سان سموري سيڪريٽريٽ اندر بجلي جي بندش ۽ خرابي کان۽ نجات ملندي۔ جڏهن بورڊ آف روينيو سيڪريٽريٽ اندر لکين روپين ماليت سان لڳل سي۔سي۔ٽي وي ڪيئمرا اڃان تائين انهي جو سسٽم شروع ناهي سگهيو۔ توڙي آفيس اسٽنٽ ۔ سنئير ڪلارڪ۔ ۽ تعليم يافته ننڊن ملازمن جن ۾ ڪوٽار۔ پٽيوالن شامل انهن جا پڻ گزريل 09سالن کان۽ پروموشن بنا جواز بند پيل آهن ۔ جڏهن ننڊن ملازمن جي پروموشن جي سينارٽي لسٽ پڻ ٻيٺو معيار شامل آهي ڇو جو اڻپڙهيل سمورن ننڊن ملازمين کي ٽائيم اسڪيل ملڻ باوجود لسٽ مان ايڊمنسٽريشن ڌار ناهي ڪيو جنهن ڪري ننڊا ملازم پڻ سخت پريشان آهن ۽ ننڊن روينيو جي ٿعليم يافته ملازمن کي 16 سال سروس ٿيڻ باوجود بورڊ آف روينيو اندر پروموشن کان۽ محروم بڻيل آهن هاڻي ڏسجي ته نئون مقرر ٿيل سينئر ميمبر سيد خالد حيدرشاھ ننڊن ملازمن جيپوئتي پيل پروموشن سميت ٻيا بورڊ آف روينيو سيڪريٽريٽ جائز مسئلا حل ٿين ٿا۔