English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٻيلا بچايو ڪميٽي...!!
views
|
21st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
زين دائودپوٽو
منھنجي ۽ منھنجي ساٿين جي 25 سالن جي محنت ۽ منھنجي خواب کي ساڀيان ملي ڪالھ نوشھروز ۾ ٻيلا بچايوڪميٽي نوشھوروفيروز جي ڪوآرڊينيٽر زاھد پنھور ۽ فقير محمد سولنگي جي لاجواب ميزباني ھيٺ سڄي سنڌ جي ٻيلا بچايو ڪميٽين جو ڪٺ ٿيو جنھن ۾ سڄي سنڌ جي ساٿين شرڪت ڪئي جڏھن ته چيھو جو رئيس شبير خان راڄپر پڻ سڪ ۾ ڪھي آيو ۽ مبصر طور شرڪت ڪئي سندس ٿورا. اجلاس ۾ وڏي بحث کانپوء ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا. سڄي سنڌ جي ٻيلا بچايو ڪميٽين کي ٻيلا بچايو ڪميٽي نالي سان تنظيم جي شڪل ڏني وئي جنھن جو دائرو سنڌ جي ٻيلن سان گڏ سڄي سنڌ ۾ وڻڪاري ۽ وڻن جي بچاء ۽ ان لاء ھلندر سرگرمين جو ساٿ ڏيڻ ھوندو ۽ متفقه راء سان ان جي مرڪزي عبوري باڊي جوڙي وئي جنھن ۾ چيئرمين زين دائودپوٽو وائيس چيئرمين فقيرمحمد سولنگي جنرل سيڪريٽري وحيد شاھ رابطا سيڪريٽري عزيز زرداري فنانس سيڪريٽري قيوم گڏاڻي ۽ پريس سيڪريٽري عطامحمد نوناري مقرر ڪيا ويا. عھديدارن سوڌو تيرنھن رڪني مرڪزي ڪميٽي پڻ چونڊي وئي جن ۾ غلام حيدر راڄڙ اسلم سمون شبانه پيرزادو محمد عمر مگسي گلشير پنھور رفيق چانڊيو محمد اسماعيل ڪورائي شامل آھن ان کان علاوه ڇھ رڪني آئين منشور ڪميٽي پڻ جوڙي وئي جنھن ۾ زين دائودپوٽو آچر راڄڙ حبدار ملاح انعام الله پنھور عبدالله ھڱورو محب آزاد شامل آھن تنظيم جي آفيس فنانس ڏيھي ۽ پرڏيھي تنظيمن ۽ اتحادن سان گڏجڻ لاء ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا تنظيم کي سگھارو ڪرڻ لاء سنڌ جي ماڻھن خاص ڪري ڳوٺن ۾ وڻن ۽ ٻيلن جي ماحولياتي ۽ معاشي سپورٽ واري اھميت بابت جاڳرتا پيدا ڪئي ويندي ٻيلا بچايو ڪميٽي جي جدوجھد ۽ سنڌ جي ٻيلن جي اشوز کي دنيا تائين پھچائڻ لاء ويب سائيٽ چئنل پيج ٺاھڻ کان علاوه سمورا جديد ذريعا استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جيڪا ذميواري پير محمد نوناري مصطفى ھڱورو جي حوالي ڪئي وئي اجلاس ۾ ٻيلي کاتي جي لوئر اسٽاف جي سمورن جائز مسئلن جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ انھن جي ھلندڙ جدوجھد ۾ ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ايندڙ جنرل باڊي جو اجلاس 28 ڊسمبر آچر جي ڏينھن اڇڙي ٿر جي ڳوٺ ميان غلام حيدر راڄڙ ۾ ٿيندوجنھن ۾ آئين منشور پاس ڪري نئين باڊي ۽ مرڪزي ڪميٽي چونڊي ويندي رات جو مچ ڪچھري ٿيندي ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو ساٿين کي اڇڙي ٿر جي وزٽ ڪرائي ويندي اجلاس ۾ گڏيل قرارداد پاس ڪرائي گھر ڪئي وئي ته سنڌ جي سمورن ٻيلن تان قبضا ختم ڪرائي انھن کي بحال ڪرائڻ جون ڪوششو ورتيون وڃن ۽ سپريم ڪورٽ جي ھدايتن کي مان ڏنو وڃي ٻيلن مان واڍي بند ڪرائي وڃي ۽ واڍي ڪندڙ ۽ ڪاٺ اسمگل ڪندڙن تي ڏنڊ وجھڻ بدران ايف آء آر ڪرائي وڃي ھلندڙ آبڪلاڻي سيزن ۾ سنڌ جي ٻيلن جي سموري ٻڏندڙ ايراضي ۾ ڇٽ ڪرائي وڃي. سئو سيڪڙو وڻ پوکڻ واري نئين فاريسٽ پاليسي تحت سڄي جا ٻيلا بحال ڪيا وڃن ۽ ان ۾ مقامي ماڻھن کي اھميت ڏني وڃي. سڄي سنڌ ۾ وڻن جي واڍي ٿر ۽ ڪاڇي ۾ وڻن جي قتل عام کي روڪيو وڃي ۽ سنڌ سرڪار ان لاء سخت قدم کڻي سڄي سنڌ ۾ آرامشينن ۽ ڪاٺ جي ڊپوئن لاء ٺھيل قانونن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٻيلي کاتي جي ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪيا ويا وڃن ٻيلي کاتي ۾ سياسي مداخلت بند ڪري ايمانداري ۽ سچائي سان ڪم ڪندڙ آفيسرن کي پنھنجي ڪم ۾ آزاد ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jul 2025
•
سندھ
کوئٹہ میں قوالوں کی گاڑی پر حملے میں شہید ہونے والوں کے لواحقین سے سماجی شخصیت سید امتیاز الحق بخاری کا اظہارِ افسوس
21st Jul 2025
•
شوبز
کچھ لوگوں نے ’بھنگ‘ پینے کا مشورہ دیا، مگر میں ’ڈرگز‘ آزمانا چاہتی ہوں: مرینہ خان
21st Jul 2025
•
شوبز
ساحر لوڌی کی نقلی ویڈیوز پر مذاق اڑانے والوں پر مہوش حیات برہم
21st Jul 2025
•
کھیل
اجے دیوگن اور شاہد آفریدی کی ملاقات کی تصویر وائرل، بھارت میں ہنگامہ برپا
21st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور پوليس پاران مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ
21st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: لانڍي ۾ گرين سٽي وٽ بس حادثي جو شڪار، ٻارڙو فوت، 10 ڄڻا زخمي، ڊرائيور فرار
21st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: ڳوٺ صاحب خان ڀٽي واسي نادر حسين ڀٽي ٽن ڏينهن کان گم
21st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ سهراب مري واسين جو 11هين ڏينهن به احتجاج جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
زين دائودپوٽو
ٻيلا بچايو ڪميٽي
0 تبصرے