سنڌ ۾ برسات کانپوءِ شهرن جي خراب صورتحال

عبدالوحيد عباسي

سنڌ ۾ برسات کانپوءِ شهرن جي خراب صورتحال

پوري سنڌ ۾ مون سون جون برساتون شروع ٿي ويون آهن، جنهن ڪري سنڌ جي هر طرف برساتين جو پاڻيءَ پنهنجي جڳهه تي پر شهر جو ڊرينج سسٽم وارو گندو پاڻي جيڪو خاص ڪري لاڙڪاڻو شهر جي لاء گذريل ڏهاڪو سال کن کان ڄڻ ته زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيهاري ڇڏي ٿو، برسات ته برسات پر لاڙڪاڻو شهر ۾ جيڪو گندي پاڻي جي نيڪال يعني ڊرينيج سسٽم ۾ لاڙڪاڻي جا شهري شديد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان لاءِ سنڌ حڪومت، لاڙڪاڻو انتظاميه، ميونسپل ڪارپوريشن وٽ ڪا به جامع حڪمت عملي ۽ پلان نه هجڻ ڪري لاڙڪاڻو جا شهري وڏي اذيت کي منهن ڏيندا رهيا آهن، هر دفعي اقتداري ڌر سياستدان، بيورو ڪريٽ افسر شاهي جي اها رٽ لڳي ويندي آهي ته حڪومت، ضلع انتظامیہ ،ميونسپل ڪارپوريشن، واپڊا، آبپاشي کاتي ٻين ادارن کاتن پاران برساتن کان اڳ ئي سمورا اپاء ورتا ويا آهن، ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، اهڙي طرح جا حڪومتي حلقا پنهنجي بيان بازي رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڄڻ ته پنهنجون سموريون ذميواريون سمجهي خاموش ويهي رهندا آهن ۽ برساتن جي بجيٽ خرچ ۾ خانه پوري ڪري ڪروڙين اربين رپيا خرچ برساتين جي ميٽنگن گڏجاڻين، علائقن جي وزٽ دورا ڪرڻ سميت بسڪيٽ، رفريشمينٽ، منرل واٽر، لنچ، ڊنر ڪرڻ جا خرچا اهڙا وڏا ڏيکاريا ويندا آهن جنهن جو ڪو اندازو ئي نٿو ڪري سگهجي، برسات ۽ ٻوڏ جي خبر حڪمرانن، انتظاميا ۽ ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ ڄڻ ته عيد جي چنڊ جي خبر جيان هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته انهن سمورن سياستدانن، افسر شاهي، انتظاميا جي ڳٺ جوڙ ملي ڀڳت سان برساتين ۽ ٻوڏ جي ورهاست تقسيم هڪ ته صاف شفاف ڪليئر نموني سان ڪڏهن به ظاهر ناهي ٿيندي ۽ ٻيو اهي ڪوڙا سوڙا بل ٺاهي بجيٽ جي نالي ۾ ادارن جي رهي ڪهي ڀينگ ڪري ڇڏيندا آهن. هاڻي هنن کان پڇا ڳاڇا ڪري ته ايڏا پئسا رقم ڇا تي خرچ ٿي ته نت نوان هروڀرو جا ڪوڙا انگ اکر گڏ ڪري ٻيو نه چوندا ته صاحب وڏا ! توهان کي خبر ناهي ته فلاڻي ڊسپوزل مشين پاڻي جي نيڪال واري مشين تي بجلي جي بند هجڻ ڪري ٻن ڏهه ڪروڙ جو پئٽرول خرچ ٿي ويو، پائپ لائن ليڪج ٿي وئي انهن پائپن جي مرمت بجاء نوان پائپ وٺڻا پيا، جڏهن ته سالن کان اهي ساڳيا مدي خارج پائپ استعمال ٿيندا رهن ٿا جنهن کي ٿيلهيون ٻڌي هلايو وڃي ٿو، گندي پاڻي جي نيڪال واري ڊسپوزل مشين ۾ صفائي سالن کان نه ٿيڻ سبب وڏي تعداد ۾ گند جا ڍير لڳل هجن ٿا ۽ اهڙي طرح ئي حڪومت جا وارا نيارا تڏهن ٿيندا آهن، خدانخواسته ڪٿي ٻوڏ جو انديشو خدشو ڏيکاريو وڃي ته پوءِ درياء کي بند ڏيڻ لاءِ جيڪو پٿر استعمال ڏيکاريو ويندو آهي ۽ بچاء بند تي سيڪيورٽي جا انتظام سميت ٻيلي کاتي، آبپاشي کاتي سميت ٻين کاتن جي کاڌ خوراڪ عارضي رهائش سميت ٻيا اڻ ڳڻيا خرچ ڏيکاريا ويندا آهن. جيڪي خرچ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ مثل هوندا آهن، سنڌ حڪومت هجي يا وفاقي حڪومت هجي انهن کي سياسي خطاب پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بيانات بجاءِ عملي طور تي سنڌ جي عوام جي واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه سال اڳ ٻوڏن ۾ جيڪو انتظاميا جي غفلت ۽ کليل ڪوتائي سبب جيڪو سنڌ جي عوام جو ڪاپاري شديد ترين تاريخي نقصان ٿيو انھي جو ڪو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهي. سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين کي لکين گهر ٺاهڻ جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت، يورپين ڪنٽريز، ايشين بئنڪ، ورلڊ بئنڪ، يو ايس ايڊ سميت ٻين اربين رپين جي مالي مدد ڪئي پر انهن ٻوڏ متاثرين مان ڪهڙن کي گهر مليا آهن؟، ڪجهه شوپيس جيان آرٽيفيشل مصنوعي گهر ٺاهي اتي رئيس وڏي جو شهزادو ۽ سنڌ حڪومت جا چند من پسند وزير اڳيان پويان واهه واهه ڪندي اصل ڄڻ ملڪ دنيا فتح ڪئي هجي، برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جو عوام پنهنجي گهرن ۽ پنهنجي شهرن ۾ غير محفوظ بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته برسات ته الله پاڪ جي رحمت آهي پر حڪومت جي بيڊ گورنرس جي ڪري هر شهر گندي پاڻيءَ جي تلاهن ۾ ٻڏل نظر اچي رهيا آهن، شهرن اندر ٻيو ته ٺهيو پر کليل گٽر به ڪيترن انسانن جي موت جو سبب بڻجي رهيا آهن، سنڌ جو عوام وقت جي حڪمرانن کي ورجائي چئي رهيو آهي ته ياد رکو عروج کي زوال اچڻو آهي ۽ اقتدار سدائين لاءِ ڪنهن جو به ساٿ ناهي ڏيندو. وڏا وڏا وقت جا طاقتور سگهارا حڪمران آيا جيڪي اشاري سان ماڻهن کي مارائي، کڻائي، نت نوان غير قانوني غير آئيني، غير انساني هٿ ٺوڪيا نادر شاهي حڪم ناما آرڊر جاري ڪندا رهيا اڄ انهن جي گهرن ۾ ڀوائتي اوندهه سياهه ڪاري نظر اچي رهي آهي، جتي ڪيترن جون قطارون لائنون لڳل هونديون هيون اڄ اتي انهن جي عاليشان محل نما بنگلن ڏي نهارڻ به گوارا نٿا ڪن، اھا ڳالھ رڳو سنڌ پاڪستان جي ڪنهن شهر جي نه پر هر شهر جي تاريخ اڄ به زندهه مثال آهي. خدارا سنڌ جي عوام کي ٻڌو ۽ انهن جي دردن اهنجن جو درمان بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. سنڌ ڌرتي جي عوام مسلسل قيام پاڪستان کان وٺي هن وقت تائين پيپلزپارٽي کي هميشه ووٽ ڪري اقتدار تي پهچايو آهي. جيڪڏهن عوام کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ يقينن عروج کان زوال اچڻو آهي. سنڌ جي شهرن جي ڊرينج سسٽم سان جامع رٿابندي پلاننگ تحت بهتر صورتحال بڻائڻ لاءِ نالين کي هيٺ گٽرن کي هيٺ رود رستا مٿي ڪيا وڃن جيئن برساتن جو پاڻي گهٽين محلن تي نه بيهي پر سڌو سنئون نالين ۾ هيٺ لهي اچي ۽ درينيج سسٽم درست معني نظام درست سمجهو ويندو آهي پر اسان وٽ وري الٽو طريقڪار هوندو آهي نالين مٿي ۽ روڊ هيٺ پوءِ روز نالين ڊرينيج جو گندو پاڻي هميشه روڊن رستن تي بيهيجي وڃي ٿو. جنهن ڪري عوام ٻٽي آزار ۾ مبتلا رهي ٿو.