ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ تعمير ٿيندڙ نئين لنڪ روڊ تي چئن ديهن جي پنجاهه کان وڌيڪ ڳوٺن جا لنگهه بند ٿيڻ ۽ ٺيڪيدار پاران واعدي باوجود ٻه فلائي اوور نه ٺاهڻ تي ڳوٺاڻن شديد احتجاج جو اعلان ڪيو آهي ڳوٺاڻن جي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن عبدالرزاق سالار، عبدالحڪيم سالار، محمد سليم سالار، افضل احمد سالار، نور حسن سالار، محمد رمضان سالار، غلام رسول سالار، ڪرم دين سالار، وليداد سالار ۽ دوست محمد سالار عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته سڀاڻ جمعي ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران امڪاني طور افتتاح واري تقريب دوران هزارين ڳوٺاڻا لنڪ روڊ تي ڌرڻو هڻندا پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن چيو ته لنڪ روڊ جي تعمير سان لڳ ڀڳ 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جا رستا مڪمل بند ٿي ويا آهن، جنهن سبب هزارين ڳوٺاڻا سخت پريشانين کي منهن ڏيندا هنن وڏي وزير کي ياد ڏياريو ته چار سال اڳ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جي درخواست تي ٻه فلائي اوور ٺاهڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو هو، پر اڄ تائين عمل نه ٿيو آهي اڳواڻن وڏي وزير کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن افتتاح طاقت جي زور تي ڪيو ويو ته ڪنهن به انساني يا مالي نقصان جي ذميواري مراد علي شاهه هوندو ۔ هنن وڌيڪ چيو لنگهه بند ٿيڻ ڪري ڳوٺاڻن جي اسپتالن تائين رسائي، شاگردن جي تعليم، روزگار، ۽ سماجي لاڳاپن ۾ شديد رڪاوٽ اچي چڪي آهي۔انساني حياتيون به خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون، جيڪڏهن روڊ کوليو ويو ته مجبوراً ماڻهو روڊ پار ڪندا، جيڪو حادثن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.ڳوٺاڻن پنهنجي جائز مطالبن تي زور ڀريندي چيو ته ٻن فلائي اوورن جي واعدي موجب تعمير فوري شروع ڪئي وڃي ڳوٺاڻن لاءِ ٽول ٽيڪس مڪمل طور معاف ڪيو وڃي مقامي نوجوانن کي ترجيحي بنيادن تي روزگار ڏنو وڃي سنڌ جي وڏي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت ڳوٺاڻن سان سڌي ريت ملاقات ڪري کين مطمئن ڪري ڳوٺاڻن چيو ته احتجاجي ڌرڻو مڪمل طور تي پرامن ۽ آئيني هوندو، جيڪو تيسين جاري رهندو، جيستائين سندن مطالبا قبول نه ڪيا وڃن
0 تبصرے