English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حڪمران سنڌ کي ڇولن جيان کپائي رهيا آهن: اياز لطيف پليجو
views
|
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جهمپير جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو
حيدرآباد (بيورو)جهمپير جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو، بابر علي سومرو، جاويد سومرو ، شڪيل سومرو، شاهزيب سومرو،نويد سومرو ، بلاول سومرو ، جهانزيب سومرو ، شبير سومرو ، قادر سومرو ، شوڪت سومرو ، حسين سومرو ، نذير سومرو ، شهزاد سومرو ، نياز سومرو ، اويس سومرو ۽ انور سومرو قومي عوامي تحريڪ جي جدوجھد ۽ نظريي کان متاثر ٿي اياز لطيف پليجو جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران سنڌ کي ڇولن جيان کپائي رهيا آهن. پيپلزپارٽي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ثابت ٿي آهي اقتدار کان اڳ ۾ نمائشي طور سنڌ جي حقن جون ڳالھيون ڪندا آهن ۽ جڏهن پيپلزپارٽي کي اقتدار ملندو آهي تہ سنڌ وسري ويندي آهي سنڌ سان ھر دور ۾ دوکو ڪيو ويو آهي سنڌو درياھ، ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون، ٻيٽ، ڪارونجھر، ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي ڇڏيا.اياز لطيف پليجي چيو تہ ھنرمند نوجوانن کي روزگار کولي ڏنو وڃي. آبادگارن کي بئنڪن ذريعي سستي اگھ تي آسان قسطن تي ٽريڪٽر ۽ ٻيا زرعي اوزار ڏنا وڃن. سنڌ ۾ صنعتي زون نہ ھجڻ ۽ زرعي تباھي جي ڪري بيروزگاري وڌي وئي آھي. سند حڪومت روزگار جا وسيلا پيدا ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسيمبلي ميمبرن ۽ وڏن بيورو ڪريٽس جا پگھار ۽ مراعتون تمام وڏيون آھن. لکين پورھيت خاندان پيٽ ڀري ماني کائڻ ۽ انھن جو اولاد تعليم ۽ بنيادي سھولتن کان محروم آھن. پاڪستان ۾ حڪمران ۽ سرمائيدار طبقي لاءِ سموريون سھولتون آھن پر ھاري، مزدور ۽ غريب عوام لاءِ زندگي جھنم بڻيل آھي. حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ عام عوام جي بھتري ناھي. ڪرپشن، ڦرلٽ، گروھي ۽ اقتداري مفادن جو تحفظ حڪمرانن جو بنيادي مقصد آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ زراعت سنڌ جي معيشت آھي پر سڀ کان وڌيڪ آبادگار ۽ ھاري بدحال بنايا ويا آھن. زراعت کي ترقي ڏيڻ سان سنڌ ۾ غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو اچي سگھي ٿو پر حڪمران ائين نٿا چاھين. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت بيروزگار ھنرمند نوجوانن کي سندن صلاحيتن مطابق روزگار کولي ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪري. سنڌ ۾ تمام گھڻا نوجوان ھنرمند آھن پر وسيلا نہ ھجڻ ڪري روزگار قائم نٿا ڪري سگھن. اھڙن سمورن نوجوانن کي روزگار قائم ڪري ڏيڻ سان سنڌ مان بيروزگاري جو خاتمو ايندو. نوجوان پنھنجي پيرن تي بيھي سگھندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے