English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
221 views
|
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪو بہ سرداريا وڏيرو ذات، قبيلي يا برادري کي قوم سڏي ته اتي موجود سنڌي ان لفظ جي درستگي ۽ مزاحمت ڪري
حيدرآباد/دادو (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻ سڀ سنڌي قوم آهيون، سنڌ ۾ ڪو بہ سردار، وڏيرو يا فرد ڪنهن ذات، قبيلي يا برادري کي قوم سڏي تہ اتي موجود هر سنڌي، فورن ان لفظ جي درستگي ۽ مزاحمت ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ماڻهن کي برادرين ۽ ذاتين جي اتحاد ۽ قبيلائي نظام ۾ جڪڙيو ويو آهي. دنيا چنڊ ۽ مريخ تي پھچي وئي. اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون. سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداري، جرڳائي وڏيرڪو نظام آھي جنھنڪري ھر طاقتور ماڻھو سمجھي ٿو تہ سنڌي ماڻھو اسان جا ذاتي غلام آھن. سنڌ کي سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي مان نجات ڏيارڻي پوندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان ھٿ چراند بند ڪئي وڃي. سنڌ جي تباھي تي پارليامينٽ، عدالتون ۽ اردو ميڊيا لاتعلقي ختم ڪن. وڏيون سياسي پارٽيون ٽڪراءَ بدران ڳالھين جو رستو اختيار ڪن. سنڌ جي زمينن، پاڻي، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي چوٿون ڀيرو اقتدار خريد ڪيو. پيپلزپارٽي کي مسلسل سنڌ ۾ چوٿون ڀيرو اقتدار ملڻ باوجود سنڌ کي خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب حڪمراني، بدعنواني، عوام دشمن معاشي پاليسي ۽ عالمي طاقتن کي ڊڪٽيشن وڏا مسئلا آھن. پاڪستان ۾ ھر ايندڙ حڪومت گذريل حڪومت جو تسلسل ثابت ٿي آھي، ڪنھن بہ حڪومت جي پاليسي عوام دوست ۽ ترقي واري ناھي رھي. خراب حڪمراني جي ڪري حڪمراني طبقي کي سموريون مراعتون حاصل آھن، باقي ڪروڙين عوام بنيادي انساني حقن کان محروم آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
دنيا مريخ تي پھچي وئي
0 تبصرے