اسرار احمد سولنگي ايس ايس پي نوشهرو فيروز روحيل کوسو سان به ملاقات ڪئي، امن امان بابت ڳالهيون
نوشهرو فيروز(ڊ ر) ڀريا سٽي ويجهو لڳ ڳوٺ وڏيرو محمد عرس سولنگي ۾ هڪڙا ۽ سولنگي برادري ۾ ٿيل ٻارن جي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿي ويل لياقت سولنگي جي تڏي تي سولنگي قومي مومينٽ جو چيئرمين سردار اسرار احمد سولنگي پنهنجي وفد سميت پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي سردار اسرار احمد سولنگي قتل تي ويل وارثن ۽ برادري جي ماڻهن کي چيو ته سنڌ تمام ڏکي صورتحال مان گذري رهي آھي جهيڙن سبب سنڌ جو امن تباه ٿي رهيو آھي ان ڪري قانون کي هٿ ۾ نه کڻجو۔ اوهان جيڪو ڪيس داخل ڪرايو آھي ان جي مڪمل پوئيواري ڪيو سڄي برادري اوهان سان گڏ آھي سڀ جوابدار گرفتار ڪراءِ کين سزا ڏيارينداسين۔ سردار اسرار احمد کين وڌيڪ چيو ته مون ايس ايس پي نوشهرو فيروز رحيل کوسو سان به ملاقات ڪئي آھي ان يقين ڏياريو آھي ته جلد رهيل جوابدار گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ان موقعي تي وڏيرو افضل سولنگي۔ حاجي اعجاز سولنگي۔ ضلع صدر محمد سليمان سولنگي۔ چيئرمين عشر زڪوات حاجي ساجن سولنگي۔ فقير علي سولنگي ۽ ٻيا پڻ موجود هيا۔
0 تبصرے