English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پوليس هٿان 3 ڏوهاري مارجي ويا، 3 زخمي، هڪ اهلڪار اغوا بعد بازياب
252 views
|
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو )شڪارپور پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن:12 ڪلاڪن ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا،3 زخمي،اغوا ٿيل پوليس اھلڪار باحفاظت بازياب شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي ۾ ڏوهارين جي بدنام زمانه گينگ شھزادو ڪمالاڻي جتوئي خلاف شڪارپور پوليس ۽ رينجرز طرفان وڏي سطح تي گڏيل آپريشن ڪيو ويو ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ موجب آپريشن دوران ٻن ڏوهارين کي ماريو ويو، ٽن کي زخمي حالت ۾ سندن ساٿين فرار ڪرايو، جڏهن ته اغوا ٿيل پوليس اھلڪار کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ يارو ڪمالاڻي جتوئي ۽ ڀاڳيو ڪمالاڻي جتوئي جي نالن سان ٿي آهي ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ ۽ رينجرز جي وِنگ ڪمانڊر جي اڳواڻي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو، آپريشن دوران ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو ته مختلف پاسن کان ڏوھارين پوليس تي سڌي فائرنگ ڪئي مارجي ويل ڏوھاري يارو ڪمالاڻي جو لاش پوليس هٿ ڪري ورتو آهي،جڏهن ته ٻئي مارجي ويل ڏوهاري ڀاڳيو ڪمالاڻي جتوئي جو لاش ۽ زخمين کي سندن ساٿي کڻي فرار ٿي ويا ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ چيو آهي ته پوليس، ڏوهارين جي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي،ڏوھارين خلاف بي رحم آپريشن ڪيو پيو وڃي مارجي ويل ڏوهاري مختلف ضلعن ۾ قتل، ڌاڙن، اغوا براءِ تاوان سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن فرار ٿيل ڏوهارين جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ۽ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته ڳري نفري واقعي واري هنڌ تي موجود آهي ياد رهي ته رات دير سان بدنام ڏوهاري شهزور ڪمالاڻي جي مارجي وڃڻ کان پوءِ سندس ساٿين رستم پوليس پيڪٽ تي حملا ڪيا، جنهن دوران پوليس اهلڪار زاهد شاهه کي زخمي ۽ واجد يونيجو کي اغوا ڪيو ويو پوليس جي بروقت ۽ ڪامياب ڪارروائي دوران ٻه ڏوهاري مارجي ويا ۽ مغوي اهلڪار کي باحفاظت آزاد ڪرايو ويو ڪيل واعدو وساري نٿا سگهون ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ هڪ شهيد جوان سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڏيکاريو شڪارپور پوليس مسلسل ڏوھاري عنصرن جي خاتمي لاءِ فرنٽ لائن تي آهي ھي ڪارروائي نه رڳو شھيدن سان انصاف آهي، پر ان ڌرتي سان به وفا آهي جنهن جي حفاظت لاءِ اسان جا سپوت پنهنجون جانيون قربان ڪن ٿا. شھيدن جي قربانيون رائيگان نه وينديون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور پوليس
police operation
0 تبصرے