نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

5ٻارڙن جي ماءُ رخسانھ ڪلھوڙو ۽ ھمت علي ڪلھوڙو پرڻو ڪيو

نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

نوشهرو فيروز(ڊ ر)شڪارپور ضلعي جي لکي غلام شاهه جي رهواسڻ پنجن ٻارن جي بيوهه عورت مسمات رخسانه ڪلهوڙو لاڙڪاڻي جي رهواسي همت علي ڪلهوڙو سان نوشهرو فيروز جي جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي. شادي کانپوءِ مسمات رخسانه ڪلهوڙو پنهنجي مڙس همت علي ڪلهوڙو سان گڏ نوشهرو فيروز پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندس اڳوڻو مڙس هڪ سال اڳ فوت ٿي ويو هو، جنهن مان کيس پنج ٻار آهن. مڙس جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هوءَ پنهنجي ڏيرن سان گڏ اڳوڻي مڙس جي گهر ۾ رهندي هئي، جتي کيس روزانو تشدد ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو هو ۽ سندس زندگي عذاب بڻجي وئي هئي. رخسانه ڪلهوڙو چيو ته هن پنهنجي مرضي ۽ رضا خوشي سان همت علي ڪلهوڙو سان شادي ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ اڳوڻي مڙس جا مائٽ سندن جان جا دشمن بڻجي ويا آهن. هن چيو ته حبدار علي، مختيار ڪلهوڙو، نياز علي ڪلهوڙو، صفدر ڪلهوڙو، پپو ڪلهوڙو ۽ ٻيا کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب هو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. مسمات رخسانه ڪلهوڙو ۽ سندس مڙس همت علي ڪلهوڙو اعليٰ اختيارين، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز کي اپيل ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن هو پنهنجي مرضي سان پرامن ۽ سڪون واري زندگي گذاري سگهن.