سجاول ( گلشيرميربحر)جشن آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول نودو ٻارڻ جي اسڪول ويجھو قبرستان تي حاضري ڏيئي افواج پاڪستان جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. پوم آزادي ۽ شھيدن جي ياد ۾ انھن جي قبرن تي حاضري ۾ حاجي شفيع محمد ٻارڻ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سجاول.اشرف شاعر هيڊ ماستر گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول نودو ٻارڻ. اعجاز احمد ٻارن اسٽنٽ انفارميشن سيڪريٽري گسٽا ضلع سجاول سان گڏ ٻين استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪري گلن جون چادرون چاڙھيون ۽ شھيدن لاء دعائون گهريون. افواج پاڪستان جي بهادر شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انھن جي قربانين کي ياد ڪيو ويو. وطن سان وفاداري ۽ حب الوطني جي عهد جي ورجايو ويو. پروگرام ۾ شريڪ ماڻھن جذباتي انداز ۾ چيو ته پاڪستاني فوج جي شھيدن جو رت اسان جي حفاظت جو ظامن آهي ۽ اسين انھن جي مشن کي اڳتي وڌائيندا رهنداسين. انھن پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج جي حق ۾ نعرہ به لڳا يا پاڪ فوج زنده باد. پاڪستان زنده باد
0 تبصرے