تعليمي نظام جي پٺيان لڪل حقيقتون..!!

سيده سونيا منور

تعليمي نظام جي پٺيان لڪل حقيقتون..!!

تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڄ جي استادن کي جديد تعليم سان ليس ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اهي شاگردن کي بهتر تعليم ڏئي سگهن. جيستائين استاد جديد تعليمي تقاضائن جي مطابق تربيت حاصل نه ڪندا، تيستائين اهي صحيح تعليم ڏيڻ کان قاصر رهندا. ڪجهه ليڊي ٽيچرز نفسياتي مسئلن ۾ مبتلا هونديون آهن، جنهن سبب هو شاگردن کي صحيح طريقي سان پڙهائي نه سگهن ٿيون.
گهڻا سرڪاري اسڪولن جي استادن کي نه فقط پيشورانه مسئلن جو سامنا هوندو آهي، پر انهن جي ذهني صحت ۽ گهريلو زندگي به سخت دٻاءُ هيٺ هوندي آهي. گهٽ پگهار، وسيلن جي کوٽ، شاگردن جي غير حاضري، والدين جي بي پرواهي، ۽ مافوق بالا آفيسرن جي غير ضروري مداخلت انهن جي ذهني سکون کي متاثر ڪري ٿي. اهو دٻاءُ گهريلو زندگي ۾ چڙچڙاپن، بي چيني، ۽ ازدواجي تڪرارن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ڪيترين استادن کي گهر ۽ ڪم جي ٻنهي پاسن کان دٻاءُ هوندو آهي، جنهن سبب انهن جي ذاتي خوشين سان گڏوگڏ تدريسي ڪارڪردگي به متاثر ٿئي ٿي.
پاڪستان جي اسڪولن جي عورت استادن جي صورتحال هڪ سنگين مسئلو آهي، جيڪو تعليمي نظام تي گہرن اثر وجهي رهيو آهي. اڄ جي مهانگائيءَ واري دور ۾ انهن لاءِ گذارو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، جڏهن ته انهن کان پورو نظام هلائڻ جي اميد ڪئي ويندي آهي. ان باوجود اهي استادن پنهنجي محنت سان ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ مصروف آهن.
ديهي علائقن ۾ سرڪاري اسڪولن جي عورت استادن کي آمد و رفت جا شديد مسئلا هوندا آهن. اسڪول اڪثر اهڙن علائقن ۾ آهن، جتي پبلڪ ٽرانسپورٽ ئي ناهي. اهڙي صورتحال ۾ عورتن کي يا ته ڊگهو رستو پنڌ ڪرڻو پوي ٿو يا وري مهانگي سواري اختيار ڪرڻي پوي ٿي. ان سان گڏوگڏ، سيڪيورٽي جا خدشا به هوندا آهن، خاص طور تي اهڙن علائقن ۾ جتي اڪيلي عورتن لاءِ سفر ڪرڻ محفوظ نه هوندو آهي.
تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جهڙوڪ صاف پاڻي، ٽوائلٽ، ۽ مناسب ڪلاس رومز جي کوٽ، عورت استادن لاءِ ڪم ڪرڻ کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن انهن کي هڪ وقت ۾ ڪيترن ڪلاسن کي پڙهائڻو پوي ٿو، جنهن سبب انهن جي ذهني ۽ جسماني صحت متاثر ٿئي ٿي. ان سڀني مسئلن جي باوجود، حڪومت طرفان انهن کي اهي سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، جن جو اهي حق رکن ٿيون. اهي سڀ مسئلا ظاهر ڪن ٿا ته پاڪستان ۾ عورت استادن کي صرف تدريسي نه پر انتظامي ۽ سماجي چئلينجن جو به سامنا آهي. جيڪڏهن حڪومت تعليمي شعبو بهتر بڻائڻ چاهي ٿي ته عورت استادن جي فلاح کي اوليت ڏيڻ لازمي آهي. بهتر پگهار، تحفظ، سفر جي سهولتن ۽ بهتر ڪم ڪندڙ ماحول ذريعي ئي تعليمي نظام کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو.
ان کان علاوه، سرڪاري اسڪولن جي عورت استادن کي هراسان ڪرڻ جهڙا سنگين مسئلا به درپيش ٿين ٿا، جيڪي انهن لاءِ ذهني اذيت ۽ ڊپ جو سبب بڻجن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن مرد ساٿي، مافوق بالا آفيسر، يا مقامي ماڻهو بي ادبي، غير اخلاقي رويا يا نازيبا تبصرا ڪن ٿا. جيڪڏهن اهي شڪايت ڪنديون ته انهن کي وڌيڪ دٻاءُ، بدلي، يا بدنامي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ديهي علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب آهي، جتي نه ته مؤثر شڪايت جا طريقا آهن ۽ نه ئي قانوني تحفظ. اهڙن واقعن سبب ڪيتريون عورتون عدم تحفظ جي احساس سان تدريسي ذميواريون نڀائين ٿيون، جيڪو انهن جي ڪارڪردگي ۽ خود اعتمادي کي سخت متاثر ڪري ٿو.