عمرڪوٽ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ جي سري هيٺ تقريب

بيڪ ٽو اسڪول انرولمينٽ ڊرائيو سماجي تنظيم ادارائي تعليم آگاھي آرگنائيزيشن پاران تقريب منعقد ڪئي وئي

عمرڪوٽ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ جي سري هيٺ تقريب

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پڙھندي سنڌ تہ وڌندي سنڌ جي عنوان ھيٺ بيڪ ٽو اسڪول انرولمينٽ ڊرائيو سماجي تنظيم ادارائي تعليم آگاھي آرگنائيزيشن اداري جي طرفان گورئيمينٽ پرائمري اسڪول دڙو ڪولھي عمرڪوٽ ۾ رکي وئي، آر ايس يو ۽ تعليم کاتي جي گڏيل سھڪار سان ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخلا جي حوالي گورنمينٽ اسڪول دڙو ڪولھي عمرڪوٽ ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن جو مقصد ٽيچر ايٽ دي رائيٽ ليول جنھن ۾ استادن ايس ايم سي ميمبرن پيرينٽس ڪميونٽي ميمبرن، شاگردن، شاگردن جي والدين ۽ ڪميونٽي جي ماڻھن پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن تہ مختلف سيشن ٿيان جنھن ۾ تعليم جي اھميت جي حوالي سان ليڪچر ڏنا ۽ مختلف ايڪٽويٽيز بہ ڪرايون ويون، ان پروگرام ۾ ٻہ ڪئيمپس بہ قائم ڪيان ويا تعليم کاتي جا ٽيچر ۽ شاگردن جا مختلف مٽيريل ڊسپلي ۽ گيمينگ ڪئيمپ قائم ڪئي وئي جنھن جي ذريعي ٻارن کي تعليم ذريعي ڪيئن رجوع ڪجي، ان کان علاوه شاگردن پروگرام ۽ ايڪٽوٽي ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي تعليم آگاھي اداري طرفان گفٽس ۽ اسٽيشنري جا انعام پن ڏنا ويا، پروگرام ۾ ادارا تعليم آگاھي آرگنائيزيشن جي ڊسٽرڪ مينجر احمد علي ڪالرو،ايجوڪيٽ دي انپريويليجيد ۽ ادارا تعليم آگاھي جي طرفان مس دردانا دانيال نڪرج ۽ اسڪول جي استادن سميت ٻين خطاب ڪيو ۽ مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون