ملير: لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ فئڪٽري کي خوفناڪ باهه، سو کان وڌيڪ عورتون بچايون ويون، 8 ملازم زخمي

ملير: لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ فئڪٽري کي خوفناڪ باهه، سو کان وڌيڪ عورتون بچايون ويون، 8 ملازم زخمي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي هڪ فئڪٽري ۾ صبح سوير اوچتو خوفناڪ باهه ڀڙڪي پئي، جيڪا ڪجهه ئي لمحن ۾ سڄي عمارت تائين پکڙي وئي. باهه لڳڻ وقت فئڪٽري اندر سو کان وڌيڪ عورتون ۽ ڪيترائي مرد ملازم موجود هئا، جيڪي عمارت ۾ ڦاسي پيا اطلاع تي فائر برگيڊ جون ٽي گاڏيون واقعي واري هنڌ تي پهتيون ۽ باهه وسائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. فائر فائٽرز کي شديد ڪاري دونهي ۽ عمارت جي بلندي سبب آپريشن دوران سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. ريسڪيو ترجمان موجب باهه تي ضابطو آڻڻ ۽ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ جو عمل لڳاتار جاري رهيو ان دوران رينجرز جي وڏي نفري فوري ڪارروائي ڪندي ڀرپاسي جي فئڪٽرين مان عملو ڪڍي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو، جڏهن ته فئڪٽري جي اندر ڦاٿل ماڻهن کي عمارت جي ٻاهران لڳل لوهي جنگلي ذريعي هيٺ لاٿو ويوريسڪيو ذريعن موجب واقعو دوران 8 ملازم سخت زخمي ٿيا، جن کي آغا خان اسپتال ۽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ عبدالرشيد ولد ظهير جاني عمر 26 سال فردين ولد فيصل – عمر 28 سال ارسلان ولد رمضان – عمر 34 سال شهزاد ولد عنايت – عمر 30 سال رضوان ولد حنيف – عمر 38 سال طاهر عباس ولد صديق عمر 40 سال محمد الطاف ولد غلام عمر 48 سال جلال ولد خوشحال خان عمر 30 سال شامل آھن فئڪٽري انتظاميا واقعي واري هنڌ ميڊيا نمائندن کي اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن تي صحافين شڪايت ڪئي ته کين ڪوريج کان روڪيو ويو. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته باهه جي شدت ۾ وقت بوقت واڌارو ٿيندو رهيو، جڏهن ته فائر برگيڊ جون ٽي گاڏيون ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين آپريشن ۾ مصروف رهيون. ريسڪيو آپريشن دوران 100 کان وڌيڪ عورتن کي محفوظ طريقي سان فئڪٽري مان ٻاهر ڪڍيو ويو لانڍي پروسيسنگ زون جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته واقعي جي تحقيقات شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته باهه لڳڻ جي اصل سبب بابت اڃا تائين ڪا ڄاڻ سامهون نه آئي آهي