English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سنڌ انڊيجينيس رائٽس الائنس طرفان زمين تي واپار ۽ بدامني خلاف ريلي ڪڍي وئي
views
|
08th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ انڊيجينيس رائٽس الائنس طرفان زمين تي والار ، ريتي بجري جي غيرقانوني چوري۽ حفيظ بلوچ سميت قانوني ٽيم تي ٿيل حملي خلاف ڪاٺوڙي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي خدا ڏنو شاهه، حفيظ بلوچ، ابيرا اشفاق، رخمان گل پالاري، ناصر بلوچ، عبدالخالق جوڻيجو، علي مستوئي ۽ ٻين سماجي اڳواڻن ڪري رھيا ھئا ريلي ۾ شريڪ ماڻھن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ۽ ھو نعريبازي ڪري ڪري مطالبو ڪري رهيا ھئا ته زمين تي والار ۽ قدرتي وسيلن جي چوري ۾ ملوث بااثر ماڻهن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته زرعي زمينن مان وڏي پيماني تي کوٽائي ڪري ريتي ۽ بجري چوري ڪئي پئي وڃي جنھن سان نه رڳو ماحولياتي تباهي وڌي رهي آهي، پر مقامي ماڻهن جي روزگار ۽ رهڻي ڪهڻي تي به شديد منفي اثر پيو پوي احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته حفيظ بلوچ سميت ڪامريڊ ابيرا اشفاق سميت قانوني ٽيم تي ٿيل حملي جو مقصد آواز اٿارڻ وارن کي خاموش ڪرائڻ آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙن کي فوري گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ريلي ۾ مقامي ڳوٺاڻن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياسي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير ۾ سنڌ انڊيجينيس رائٽس الائنس
0 تبصرے