ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 101هين سالگرهه عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي

غلام محمد ڪنڀر، ڪانجي مل رکيسر، مشتاق احمد مھر، سوائي مل رکيسر ۽ ٻين پاران ڪيڪ ڪاٽيو ويو

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 101هين سالگرهه عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي نالي واري تعليمدان، سماج سڌارڪ، ليکڪ، استاد، ارڏي صحافي، جج ۽ سنڌي ادبي سنگت جي باني ڪار ميمبر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 101هين جنم ڏينهن جي تقريب پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ شان ۽ شوڪت سان ملهائي وئي، تقريب جي صدارت پريس ڪلب عمرڪوٽ جي صدر غلام محمد ڪنڀر ڪئي، صدارتي خطاب ۾ غلام محمد ڪنڀر چيو ته ادب وسيلي انقلاب جي اها تحريڪ، جيڪا لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو بڻجي اڀري، اڄ به سنڌ جي فڪري تاريخ ۾ روشن مثال آهي، سندن ذاتي لائبريريءَ ۾ هزارين ناياب ڪتاب موجود آهن، جيڪا سنڌ جي وڏي علمي خزاني ۾ شمار ٿئي ٿي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صرف ليکڪ نه پر فڪر، علم ۽ شعور جو اهو علمبردار هو، جنهن نسلن کي فڪري آزادي ڏني، ان موقعي تي ٻين اڳواڻن ۽ شهرين خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو فڪري ورثو سنڌ جي نوجوانن لاءِ الهام جو ذريعو آهي، ڪانجي مل رکيسر، مشتاق احمد مھر، سوائي مل رکيسر، سجاد علي شيخ، وقاص خان يوسفزئي ۽ ٻين مقررین به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مرحوم جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، تقريب ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ڪامريڊ جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي وئي ۽ سنڌي ادب جي ميدان ۾ سندن ڪيل جدوجهد کي امر قرار ڏنو ويو، تقريب ۾ شهر جي علمي، ادبي، سياسي ۽ صحافتي حلقن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.