جنگشاهي جي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال، احتجاجي مظاهرو

بلڊنگ زبون ھجڻ ،فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ سبب شاگرد عذاب ۾ مبتلا آهن: مظاهرين

جنگشاهي جي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال، احتجاجي مظاهرو

ٺٽو (رپورٽ شفيق ڀٽي)جنگشاھي شھر جي مين گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ڪنھن به وقت ڊھي سگھي ٿي استاد ۽ ٻارن ۾ خوف ۽ گڻتي ۔ پڙھائي متاثرٿيڻ لڳي تصفيل موجب جنگشاھي شھر جي مين سنڌي پرائمري بوائز اسڪول سھولتن جي کوٺ ـ عمارتن جي حالت زبون ھئڻ سبب سوين شاگردن سميت استادن جون زندگيون خطري ھيٺ ـ ٻارڙن ۾ پڙهڻ جو جوش پڙھائي جو عمل جاري رکڻ جو عزم ۔استادن شاگردن ۔ والدين جو چوڻ آھي ته بلڊنگ زبون ھجڻ ،فرنيچر جي کوٽ پاڻي به پنھنجي پئسن تي وٺندا آھيون باٿ روم ناڪاره آھن ۔پٽيوالو به ناھي ڪمپيوٽر ڪلاس ته پري جي ڳالھ آھي۔ تفصيل موجب اسڪول جي عمارت جي ڇت تان چاپڻ ڪرڻ ۽ زبون حالت سبب شاگرن ۽ استادن جون زندگيون خطري ۾ ھئڻ باوجود درس۽ تدريس جو عمل جاري آھي نمائيندن سان شاگردن ۽ استادن ويچار ونڊيندي چيو ته ھتي ڪي به بنيادي سھولتون جھڙوڪ پاڻي بجلي پنکا فرنيچر واش رومز ۽ ڪمپيوٽر ليب ناھن ۽ اسٽاف به ناھي ۽ سڀ کان اھم ته اسان جي اسڪول جي حالت تمام خطرناڪ ٿي چڪي آھي جيڪي ڪنهن به وقت جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهن ٿا ـ ڳوٺاڻن ۾ استاد ھيڊ ماستر الطاف پليجوـ استاد ذولفقار پليجو ۽ شاگرد ۔عبدل حسيب خاصخيلي۔فراز جوکيو جن چيو ته اڪثر والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول جي زبون حالت ۽ تعليم کاتي جي توجه نه ھئڻ سبب ٻارن کي داخلا ڏيارڻ کان انڪار ڪن ٿا جڏھن ته اربين روپيه خرچ ھئڻ باوجود اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون موجود ناھن اسين مطالبو ڪريون ٿا جناب جيف جسٽس آف سنڌ ،وزير تعليم سيد سردار شاھ ۽ ايم پي اي ۽ ايم اين اي صاحب کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسانجي اسڪول جي نئين بلڊنگ ٺھرائي ڏني وڃي فرنيچر ،پاڻي ،باٿ روم سولر سسٽم ڪمپيوٽر سسٽم پٽيوالو۔ جھڙيون بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن ته سوين ٻارن جي مستقبل کي بچايو وڃي