انسان کي اللّٰه پاڪ آزاد پيدا ڪيو آهي ۽ فرشتن تي به فوقيت پڻ ڏني. ان برتري جي وجه سان ئي انسان جي سڀ کان وڏي خوبي ارادي ۾ پختگي ۽ اختيار آهي. پنهنجي عمل ۾ آزاد آهي. ان ڪري ڪنهن ٻي شخص جو غلام ٿي ڪري رهڻ شرفِ انساني جي خلاف آهي، اللّه پاڪ انسان کي اشرف المخلوقات بڻائي ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هر شئي انسان جي هٿ ۾ اچي سگهي ٿي انسان هر شئي تي حاوي ٿي سگهي ٿو ليڪن هڪ اشرف درجو رکندڙ مخلوق ڪڏهن به غلام نٿي بڻجي سگهي.
گويا آزادي هڪ قيمتي تحفو آهي جنهن کان انسان ڪڏهن به دستبردار نٿو ٿي سگهي،
آزادي انسان ۾ اعلٰي انساني اوصاف پيدا ڪندي آهي غيرت، جراءت ۽ بي باڪي ۽ تسخيرِ جهان جهڙا ڪمالات پڻ اچي وڃن ٿا.
ان جي برعڪس غلام شخص جي عقل تي ڪو به ڀروسو نٿو ڪري سگهجي ان جي فطرت ۾ پستي ۽ پست سوچ هوندي آهي، غلام ڪڏهن به آزاد جي هم پلا نٿو ٿي سگهي۔ قوم جي زندگي ۾ عروج ۽ زوال ايندا رهندا آهن پر اهو ڏينهن جڏهن هڪ غلام جي لاءِ آزاديءَ جو سج طلوع ٿي ۽ غلامي جهڙا انڌيرا لهي وڃن اهو ڏينهن قوم جي زندگي لاء سڄي حيات کان اهم ڏينهن هوندو آهي
ائين ئي مسلمانن برصغير ۾ باھ ۽ خون جا دريا عبور ڪري بالآخر 14 آگسٽ 1947 تي آزادي حاصل ڪئي ۽ هڪ آزاد وطن حاصل ڪيو 14 آگسٽ اسان جو يوم آزادي ۽ قومي تاريخ جو هڪ اهم ترين ڏينهن آهي، جيڪو پڻ ڪنهن رحمت ۽ نعمت کان گهٽ ڪونه آهي.
يوم آزادي اسان کي جدوجهد ۽ آزادي جي لاء ڏنل مسلمانن جي عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو ۽ اسان جي اکين ۾ تاريخ جو هڪ پورو دور زنده ٿي پوي ٿو
۽ پوءِ قومن جي زندگي ۾ هڪ لمحو اهو به ايندو آهي جيڪو ان جي تقدير جي دهاري کي موڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي
ائين ئي 14 آگسٽ جو ڏنهن به ان خاص اهميت جو حامل آهي
جڏهن برصغير جي مسلمانن فتح جي لڪير پنهنجي خون سان ٺاهي ۽ آئنده ايندڙ نسلن کي غلامي کان نجات ڏياري،
تاريخ ائين ئي انسان جي اوراق همت، و استقلال جي سنهري داستانن سان ڀريل آهي جنهن جي خوشبوئن سان دنياءِ علم و عمل هميشه معطر رهندي.
پر هتي هڪ سوال اٿي ٿو ته آزاد ۽ آزادي جو ڏينهن ملهائڻ وارا آزاد ڇو نه آهن ۽ ڇو اڃا تائين ذهني طرح قيد آهن ڇو انهن وٽ هلندڙ ايتري ترقي يافته دور ۾ به ڪنهن به شئي جي اصليت ۽ حقيقت پسندي ناهي؟؟؟
ڇو جو هي اڄ جي دور ۾ اقبال جا شاهين سجاڳ نه پر ننڊ پيل ۽ وسيع سوچ رکڻ وارا نه آهن هي سڀ جيڪو هلندو رهيو آهي ۽ جيڪو هلي ٿو پيو ان تي ئي گذارو ڪن ٿا پيا ڪجهه نئو ڪجهه تبديل ۽ ڪجهه ترقي ڪرڻ جي باري ۾ سوچن ئي ڪونه ٿا ۽ حقيقت ۾ اسان جي معاشري کي تباه هي انهن ماڻهن ڪيو آهي جيڪي ٻين جا غلام بڻجڻ پسند ڪن ٿا پيا،
هر انسان هر شئي کي هر جبر کي چپ چاپ سان برداشت ٿو ڪري پيو پر آواز نٿو اٿاري، ۽ وڏي وجهه اها آهي جو اسان جي قوم ۾ هڪ ٻئي لاء ئي همدردي ۽ اتفاق ناهي هڪٻئي سا ڀائچارو ناهي صرف آزادي جي ڏينهن تي سڀ گڏ ٿي ڪري ريلي ڪڍڻ ۽ نعرا لڳائڻ ڪافي ناهن اهي ئي ريليون اگر حق ۽ اصلي آزادي لاء ڪڍيون وڃن ته ڪيڏو نه سٺو ٿي پوي پر ڪنهن ڳالهه تي ملي جلي ڪري آواز اٿارين ئي نٿا ته ۽ پوءِ ته خير سان نظام هلائڻ وارا ئي غلام آهن ته پوء اسان جي قوم ماشاءاللّٰه سان غلامن جي به غلام آهي پوء بس اهو ڪم بند اکين سان نسل در نسل هلندو ٿو اچي.
اسان جي قوم غلام بڻجڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي آئي آهي بنسبت پنهنجي قابليت سان ۽ خودمختار ٿي ڪري ڪجهه ڪرڻ جي. بس اسان جي غريب ۽ اٻوجهه قوم صرف ۽ صرف آزادي جي نالي تي خوش آهي ۽ آزادي جي ڏينهن لاء خریداري ڪرڻ ۾ مصروف آهي حقيقت اها آهي ته ويچارا آزادي ته پري جي ڳالهه ان لفظ جي معني تي به غورو فڪر ناهن ڪندا ته آزادي اسان کان سٶ ڪوه پري نظر ٿي اچي پئي، ۽ پوء معصوميت ته نه چئجي يقينن عقل جا اڻپورا ئي آهن شايد جو هر شئي کان ۽ هر ڪنهن جي ڪردار ۽ هلت چلت کان بهترين انداز ۾ واقف هجڻ جي باوجود به پنهنجي آزادي کي ڇڏي ڪري ۽ ڳچي ۾ غلامي جو رسو وجهي 5 سالن تائين خوشي خوشي ان کي ٻين جي حوالي ڪري ٿا ڇڏن پوء جڏهن رسي کي گهڻي شڪ ٿي اچي ته کين ياد ٿو اچي ته غلطي ٿي وئي ۽ ائين نه ڪجي ها.
۽ پوء ڪنهن حقيقت ئي چيو آهي ته جنهن ملڪ ۾ ڪولر سان گڏ پيل گلاس کي به زنجير ٻڌل هجي اها قوم وري ڪٿان آزاد هوندي، واقعي هي قوم اوسيتائين آزاد نٿي ٿي سگهي جيسيتائين پاڻ آزاد خيال، وسيع سوچ و فڪر ۽ حقيقت شناس ۽ هر اقتدار لاء سهي شخصيت جي چونڊ ڪرڻ جهڙا نه بڻجي وڃن.
قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي ايندڙ نسلن کي آزادي جي زندگي ڏيڻ پئي چاهي ليڪن اڄ جي نسل ان خون جي دريا، ان تڪليف، ان محنت، لگن ۽ جدوجهد کي مڪمل وساري ڇڏيو آهي ۽ کين صرف تقريرن تائين ئي محدود ڪري ڇڏيو آهي.
۽ خير اهو ته ظاهر آهي جو ننڍپڻ کان ئي غلامي ڪندي ڏسندا ۽ ٻڌندا ٿا اچن ۽ پوء ته ائين ئي ٿيڻو آهي ان حال تي بس اللّٰه ئي اسان جي قوم، ملڪ، ۽ معاشري جو مالڪ آهي.
0 تبصرے