پي ايس-86 تي نظير ڀٽو کي صدر مقرر ڪرڻ تي پارٽي جي ڪيترن ئي مقامي اڳواڻن عدم اعتماد ڪندي جو اظهار ڪري ڇڏيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي تنظيمِ سازی بابت تازن فيصلن خلاف ملير ۾ شديد ردعمل سامهون آيو آهي پي ايس-86 تي نظير ڀٽو کي صدر مقرر ڪرڻ، جيڪو اڳ ئي ابراهيم حيدري ٽائون جو چيئرمين آهي، ان تي پارٽي جي ڪيترن ئي مقامي اڳواڻن عدم اعتماد ڪندي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي هن فيصلي خلاف پارٽي عهديدارن، چيئرمينن، وائس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن تي ٻڌل هڪ وڏو اجلاس يوسي چوڪنڊي ۾ ٿيو، جنهن ۾ اختر عارفاني، حاجي چنزيب، رسول خان سواتي، جاويد اقبال کاڪو، رشيد پنھور، انور بلوچ سميت پارٽي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پارٽي ڪارڪنن سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.اجلاس دوران يونين ڪائونسل ڀينس ڪالوني جي چيئرمين جاويد اقبال ڪاڪو، صالح محمد يو سي جي چيئرمين انور بلوچ، چوڪنڊي يو سي جي چيئرمين رشيد پنھور ۽ وائس چيئرمين منظور عارفاني پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جو باقاعدي اعلان ڪيو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته پارٽي اندر صلاح مشوري کانسواءِ ڪيل فيصلا ڪارڪنن جي اعتماد کي مجروح ڪن ٿا، ۽ اهو قدم مقامي قيادت سان ناانصافي برابر آهي. هنن چيو ته نظير ڀٽو پي ايس-87 جو رهواسي آهي ۽ ٽائون جو چيئرمين به آهي، تنهن کي پي ايس-86 جي پارٽي ڪارڪنن تي ترجيح ڏيڻ وڏي زيادتي ۽ پارٽي کي نقصان رسائڻ جي برابر آهي.هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فيصلو واپس نه ورتو ويو ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. هنن پارٽي جي اعليٰ قيادت کان مطالبو ڪيو ته هن تڪراري تنظيم کي ختم ڪري، زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي نئين تنظيم سازي ڪئي وڃي ته جيئن پارٽي مضبوط ٿي سگهي.
0 تبصرے