English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ پسند جي پرڻي جي تڪرار تان حملي ۾ هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي
views
|
10th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز( ڊ ر) نوشھرو فيروز ڀرسان ڳوٺ پليو مستوئي ۾ پيار جي پرڻي واري معاملي تان مستوئي ۽ سيال برادري وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو. فائرنگ جي نتيجي ۾ مستوئي برادري جو صفدر مستوئي موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته زاھد مستوئي ۽ محمد علي مستوئي سخت زخمي ٿي پيا جن کي بروقت سول اسپتال نوشھرو فيروز ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ سيال برادري جي ڇوڪري نوالنساه سيال پنهنجي مرضيءَ سان مستوئي برادريءَ جي نوجوان خان محمد مستوئي سان پيار جو پرڻو ڪيو هو جيڪو ٻنهي ڌرين وچ ۾ تڪرار جو سبب بڻيو ۽ اڄ ان تڪرار جي ڪري ٻنھي ڌرين وچ ۾ خوفناڪ جهيڙو ٿي پيو علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پوليس واقعي واري هنڌ تي پهتل ضرور آهي پر عملي طور تي خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ ٻنهي ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي جنهن سبب علائقي ۾ وڏي خونريزي جو خدشو وڌي ويو آهي ان واقعي کان پوءِ مستوئي برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ نيشنل پريس ڪلب نوشھرو فيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي انتظاميه کان قاتلن جي گرفتاري ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو مظاهرين الزام هنيو ته پوليس بروقت قدم کڻڻ بدران خاموش رهي ۽ واقعي کي روڪڻ لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي علائقي ۾ ڇڪتاڻ جو ماحول برقرار آهي ۽ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڌيڪ نفري مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
پسند جي پرڻي
ڳوٺ پليو مستوئي
0 تبصرے