English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن جو اجلاس ٿي گذريو، انجنيئر خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان
73 views
|
16th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري چارج سنڀالي آهي ان ڏينهن هن کاتي پنهنجي ذاتي جاگير بڻائي ڇڏيو آهي: عبدالرحيم ڀارو
نوشهروفيروز (ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن جو اجلاس اڄ اسڪارپ ايمپلائيز يونين ڊويزن ۾ زير صدارت صوبائي صدر ميان عبدالرحيم ڀارو جي ٿيو جنهن ۾ ٽيوب ويل ڊويزن نوشهروفيروز ۾ مقرر انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو ان موقعي تي ڊويزن جي صدر ساگر يوسف منگي انجنيئر اسڪارپ ٽيوب ويل ڊويزن نوشهروفيروز جاويد آفتاب ٽانوري کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ ۽ ڪيل ڪرپشن جي پئسن جو ڊويزن ۾ ڪم ڪرائڻ ۽ پورهيتن سان سٺي اخلاق سان پيش جو الٽيميٽم ڏنو ويو ٻي صورت ۾ چيف انجنيئر آفيس اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ان موقعي تي صوبائي جنرل سيڪريٽري ياسر اقبال لاڙڪ ۽ ڊويزن جي صدر ساگر يوسف منگي انجنيئر تي الزام هڻندي چيو ته جنهن ڏينهن کان انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري چارج سنڀالي آهي ان ڏينهن هن کاتي پنهنجي ذاتي جاگير بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جي پير پائڻ سان ضلعي جي ٽيوب ويلن جن انگ 600 آهي انهن مان صرف 50 ٽيوب ويل هلن باقي ناڪاره بڻيل آهي هن تازو سرڪار پاران مليل بجيٽ جيڪا 2 ارب روپيا صرف ڪاغذن جي ڪاروائي ڪري هڙپ ڪري ڇڏيا آهن هن چيف انجنيئر جي روڪڻ جي باوجود به آيل ڪانٽيجسي جا 60 لک روپيا پنهنجي ذاتي بنگلي تي خرچ ڪري ڇڏيا آهن ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري وقار لاڙڪ چيو ته انجنيئر بدمست وڏيرو آهي هن 2022 واري برسات ۾ اسڪارپ ڪالوني جي ڊرينج ، اسٽريٽ لائٽ، روڊ رستن جي بجيٽ به ڳڙڪائي ڇڏي آهي هن چيو ته ڪرپشن ۾ مهارت رکندڙ ڪرپٽ ڪامورو جاويد آفتاب ٽانوري چوي ٿو ته منهنجي مٿي سرڪار تائين پهچ آهي جنهن ڪري مون ڪو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي هنن مطالبو ڪيو ته شهيد اقبال لاڙڪ جي قتل جي جاچ جي شروعات انجنيئر جي بنگلي کان ڪئي وڃي جتي کيس شهيد ڪيو ويو هو ۽ عدالتي ڪميشن قائم ڪري شهيد اقبال جي خون سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن سنڌ جي مختلف علائقن کان آيل علي بخش وگهيو ،نبي بخش جمالي، محمد بخش ڪورائي، دلدار سولنگي، محمد خان مشوري ، عثمان ڏاهري، خادم شيخ، اربيلو اڄڻ ،اڪرم خشڪ، امتياز ملڪاڻي، نصرﷲ عالماڻي ،قمرالدين شاھ سميت ٻين ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري
نوشهروفيروز
آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن
0 تبصرے