English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاج، ڀتو گهرن جا الزام
31 views
|
23rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) درگاهه محلہ باڊھ جي رهواسي جو ڏوڪري پريس ڪلب آڏو بااثرن خلاف احتجاج، بااثر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسان مٿان الزام اجايا آهن، باڊه پوليس. تفصيل موجب گذريل ڏينهن باڊه واسي جو ڏوڪري پريس ڪلب آڏو احتجاج، باڊه واسي امداد جت عرف غلام شبير جت دانهيندي چيو ته منهنجي مامي جو پٽ غلام مرتضي جت مانڊيء تي ٻاراڻيون شيون وڪرو ڪري گهر جو گذر سفر ڪندو آهي،سندس کان بااثر پپو بروهي، جميل بروهي، امجد بروهي، يوسف بروهي ۽ ٻيا مانڊيء تي اچي کانئس زوري ڀتو وٺڻ لاءِ کيس گار گند ڪري هيسائي رهيا آهن ۽ کيس چون ٿا ته اسان کي ڀتو ڏئي نه ته هتي توکي مانڊي رکڻ نه ڏينداسين، ڀتو نه ڏيڻ تي هنن اسان مٿان لتن ۽ مڪن سان وسڪارو ڪري سخت زخمي ڪري مانڊي ۽ مانڊيء ۾ پيل ٻاراڻي سامان جو به نقصان ڪري ويا آهن، بااثرن جي اهڙي ڪارروائي خلاف اسان باڊھ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي هئي ، مخالف ڌر جا ماڻهو بااثر آهن، مخالفن جي وانگار وهندي باڊھ پوليس اسان کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هو ، اسان ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن باڊه پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ معمولي ڳالھ تان منهن ماري ٿي هئي اسان ڪنھن جي به ڌر نه آهيون، اسان مٿان الزام اجايا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار آغا شهباز دراني ڪامياب قرار
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 جواباز گرفتار
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري ۾ پورهيت
0 تبصرے