English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ نوجوان سماجي اتحاد پاران امن مارچ ريلي ڪڍي وئي، مختلف تنظيمن جا اڳواڻ شريڪ
views
|
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
وڌندڙ بدامني،قبيلائي تڪرارن، منشيات، جوا ۽ ٻين سماجي برائين خلاف باءِ پاس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
ڏوڪري(اطهر ميمڻ)ڏوڪري ۾ نوجوان سماجي اتحاد پاران امن مارچ ريلي ڪڍي وئي آهي ڏوڪري ۾ وڌندڙ بدامني،قبائلي تڪرار، منشيات، جوا ۽ ٻين سماجي برائين خلاف نواجون سماجي اتحاد جي سڏ تي ايس يو پي، جسقم، سنڌي ادبي سنگت، جي يو آءِ، جسقپ، نوجوان سماجي اتحاد منڌرا، نوجوان سماجي اتحاد ڳجهڙ سميت مختلف سياسي تنظيمن جي اڳواڻن ارشاد ٻگهيو، عمير جوڻيجو، شيراز کوکر، رڪ سنڌي، صابر جروار، دودو ديشي، ايڊووڪيٽ امداد جويو، ظهير بسمل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس کان ڏوڪري پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڏوڪري ۾ منشيات، جوا ۽ وڌندڙ بدامني اروج تي پھچي چڪي آهي، چوريون،ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن،پر ڏوڪري پوليس امن امان ڪرڻ بجاءِ قبائلي تڪرار پيدا ڪري شهر جو امن تباھ ڪري رهي آهي،ھنن چيو ته شهر ۾ بدامني سبب شهرين ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي،شهري روڊن رستن تي تہ محفوظ ناهن پر ھاڻي گهرن ۾ محفوظ ناهن رهيا.ڏوڪري پوليس شهر ۾ امن امان ڪرائڻ بدران شهرين جي پاڻ ۾ دشمني پيدا ڪري قبائلي تڪرار شروع ڪرائي ڇڏيو آهي،منشيات فروش ۽ ڏوهاري وڏيرن جا باڊي گارڊ لڳل جن کي پوليس گرفتار نٿي ڪري.ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ڏوڪري شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪري قبائلي تڪرار جو خاتمو آندو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري ۾ نوجوان سماجي اتحاد
ڏوڪري
نوجوان سماجي اتحاد پاران امن مارچ ريلي
0 تبصرے