ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺھندڙ پاڻي جي ٽانڪي ھڪ ڏينھن به فعال نه ٿي سگھي آهي: شهري
ٺٽو ( شفيق ڀٽي) مڪلي مين مارڪيٽ جي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺھندڙ ٽانڪي جو عوام کي ڪو لاڀ نه ملي سگھيو ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺھندڙ پاڻي جي ٽانڪي ھڪ ڏينھن به فعال نه ٿي سگھي ٽانڪي جي سيڙھي کي حفاظتي لڳل لوھا پمپ به ھيروئن ۽ آئيس جي موالين ڀڃي کپائي ڇڏيا پيلر به آئيس جي موالين سرين جي کپائڻ جي لالچ ۾ ٽوڙي ڀڃي ڇڏيا بنيادي پيلر ٽوڙڻ سبب ٽانڪي جو بنياد ڪمزور ٿيڻ سبب ڪنھن به وقت ڪرڻ ( ڊھڻ ) جو خطرو لاحق آھي مارڪيٽ ۾ ھر وقت ماڻھن جي رش ۽ ڪاروباري ماڻھن لا۽ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿي جڏھن ته ڪاروباري ماڻھن انتظاميا کي اپيل ڪندي التجا ڪئي آھي ته فورن نوٽيس وٺي تباھ ٿيل ٽانڪي کي ڊھرائي ڪاروباري ماڻھن کان بي چيني ختم ڪئي وڃي
0 تبصرے