ملير سٽي پوليس پاران پنجن زخمين سميت 12 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

زخمي جوابدارن ۾ جهانزيب، محمد نواز، راقب، محمد عظيم، وقار، سيد سعد ۽ مدثر شامل آهن

ملير سٽي پوليس پاران پنجن زخمين سميت 12 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير سٽي پوليس غريب آباد لڳ وڏي ڪارروائي ڪندي مبينا مقابلي ۾ گهر مان ڦرون ۽ ڪار چوري ۾ ملوث ٽولي جي 7 جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي جن مان 5 زخمي حالت ۾ آهن پوليس موجب ملزمان علائقي ۾ شهرين کان هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري رهيا هئا جن گشت جي موجود پوليس کي ڏسي مٿن فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 5 جوابدار زخمي ٿي پيا ۽ ٻن کي صحتمند حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندن وڌيڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس ترجمان چيو آهي ته مقابلي ۾ زخمي ٿيندڙ ڏوهاري ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گهڙڻ مان ڦرن ڪار چورين ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن زخمي جوابدارن جي سڃاڻپ جهانزيب، محمد نواز، راقب، محمد عظيم، وقار، سيد سعد ۽ مدثر جي نالن سان ٿي آهي. پوليس جوابدارن کان 3 ريپٽر، 4 عدد 30 بور پسٽل ۽ گوليون، هڪ انڊس ڪرولا ڪار، هڪ موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم به هٿ ڪئي آهي ملير سٽي پوليس مطابق گرفتار زخمي ملزمان کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هٿ آيل اسلحہ فرانزڪ لاءِ موڪليو پيو وڃي. ملزمان جو وڌيڪ ڏوهن وارو رڪارڊ مختلف ٿاڻن مان چڪاس ڪيو پيو وڃي پوليس ضابطن تحت قانوني ڪارروائي ڪري رهي آهي ۽ فرار ٿيل ملزمان جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.