جنگشاھي ۾ پاڻي جو شديد بحران، رهواسي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان

ٻن يونين ڪائونسلن تي مشتمل جنگشاهي شهر توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پاڻي اڻلڀ

جنگشاھي ۾ پاڻي جو  شديد بحران، رهواسي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان

ٺٽو( ڊر)جنگشاھي ۾ پاڻي جو شديد بحران شهري توڙي ڳوٺاڻا پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان ٻن يونين ڪائونسلن تي مشتمل جنگشاهي شهر توڙي آس پاس جي ڳوٺن ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پيئڻ جو پاڻي بند عوام پئيسن تي پاڻي وٺڻ تي مجبور آھن ڪير ٻڌڻ لاء تيار ناھي غريب عوام جنگشاهي ۾ پاڻي لاء واجھائڻ تي مجبور آھن شھري ۽ ڳوٺاڻن پاران پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جيئڻ لاء پاڻي ڏيو پيئڻ لاء پاڻي ڏيو جي گھر ڪري رھيا آھن انهي موقعي تي شهرين ۽ ڳوٺاڻن چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان پيئڻ جو پاڻي بند آهي پر جنگشاهي جي ٻنھي چئرمينن جي ماهوار ٻارنهن ٻارنهن لک بجيٽ بالا آفيسرن جي ملي ڀڳت سان هڙپ ڪئي پئي وڃي پر پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاء تيار ناھن جنگشاھي ڪوھستان جي عوام اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور پنلڪ ھيلٿ جي پنجن سالن جي بجٽ جي انڪواري يونين ڪائونسل ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي شفاف انڪوائري ڪري چئرمين کي بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي ۽ انجنئر پبلڪ ھيلٿ جنگشاھي جي ڇھن ڳوٺن لاء مليل سولر واٽر سپلاء جي اسڪيم ھڙپ ڪري اسڪيم کي ھلائڻ لاء تيار ناھي۽ بجلي ته ھلندڙ واٽر سپلاء کي به بھانه ٺاھي بند ڪري ڇڏيو آھي ان جي انڪواري ڪئي وڃي خدارا واٽر سپلاء جو سسٽم پبلڪ ھيلٿ انجنئر کان واپس ورتو وڃي جنگشاھي ڪوھستان جي عوام سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔