عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها

صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه عمرڪوٽ قلعي تي اوچتي ۽ ڳجهي دوري محڪماڻي بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو پول کولي ڇڏيا

عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد ذوالفقار علي شاهه جي عمرڪوٽ قلعي تي اوچتي ۽ ڳجهي دوري محڪماتي بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو پول کولي ڇڏي، وزير پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ بنا سياح جي روپ ۾ قلعي جو دورو ڪيو، جتي داخلي جاءِ تي موجود عملي کان بغير پرچي ٻه سئو رپيا فيس گهري وئي، ذريعن موجب صوبائي وزير فيس ادا ڪري رسيد گهري، جيڪا انتظاميه وٽ موجود نه هئي، صورتحال جي سنگيني ڏسي وزير فوري ڪاروائي جو حڪم ڏنو، جنهن تي پوليس ٻن ملازمن کي واقعي واري هنڌ تي رنگي هٿن گرفتار ڪري ورتو، انچارج محمد شريف ڪنڀر جي مدعيت ۾ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ تعزيرات پاڪستان جي دفعا 406 ۽ 420 شامل ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ ملازم شوڪت علي، عبدالعزيز ۽ عبدالمجيد کي نالن سان نامزد ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير موقعي تي ئي انچارج کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ چتاءُ ڏنو ته سياحتي هنڌن تي ڪرپشن يا سياحن کي تڪليف ڏيڻ جي ڪا به گنجائش ناهي، ڪنهن به جي لاپرواهي ۽ ڪرپشن برداشت نه ڪندس، ذميوار خلاف فوري ڪاروائي ٿيندي، موقعي تي موجود سياحن به انتظاميه خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، جيڪي وزير پاڻ ٻڌا ۽ فوري حل جي خاطري ڪرائي، وزير اعلان ڪيو ته پوري سنڌ ۾ سياحتي ۽ ثقافتي مرڪزن تي اوچتا دورا جاري رهندا ته جيئن عوامي شڪايتن جو ازالو ۽ شفافيت يقيني بڻائي سگهجي