نوشھروفیروز ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو

سنڌ حڪومت ملازمن سان پينشن اصلاحات جي نالي تي وڏي ناانصافي ڪري رھي آھي: اڳواڻ

نوشھروفیروز ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو

نوشھروفیروز (ڊ ر)سنڌ ايمپلائيز الائينس جي ملازمن جي حقن تي لڳل ڌاڙي خلاف تالا بندي لاء ڏنل ڪوٺ ۽ ايپڪا صوبائي صدر مقبول احمد مھر جنرل سيڪريٽري محمد اشرف بوزئي جي حڪم کي لبيڪ ڪندي ايپڪا پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊويزن نوشھروفيروز آفيس جي مڪمل تالا بند ڪئي وئي۔ان موقعي تي اڳواڻن ايپڪا پبلڪ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ سنڌ جي سينيئر وائيس چيئرمين شھاب الدين کوکر چيو ته سنڌ حڪومت ملازمن سان پينشن اصلاحات جي نالي تي وڏي ناانصافي ڪري رھي آھي جيڪا سنڌ جي تمام ننڍن وڏن ملازمن کي منظور نه آھي سنڌ حڪومت ٽن صوبن ۾ ملازم جي رٽائرمينٽ وقت ملندڙ گروپ انشورنس به پئي ڏئي حڪومت سنڌ جي ملازمن دشمن پالسيون سڌو سڌو معاشي قتل عام آھي۔ ان موقعي تي گل محمد ڀاڳت صدر ايپڪا پبلڪ ھيلٿ نوشھروفيروز ، ظفر علي عباسي ، عبدالغفور ملڪ ، سيف الله چنا ۽ ساجد علي عابد حسين سھتو ۽ محمد ھاشم ڪللھوڙو سان گڏ وڏي تعداد ۾ ملازم به موجود ھئا وڌيڪ اڳواڻن جو چوڻ ھئو ته اڄ سنڌ امپلائيز الائنس جي سڏ تي آفيسن جي تالا بندي ڪئي وئي آھي جي ڪڏنھن اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته مرڪزي قيادت سان ملي ڪري وڌيڪ لاح عمل جوڙيو ويندو۔