عمرڪوٽ پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جو رڪارڊ سامهون آڻي ڇڏيو

گرفتار ڏوهاري انور عرف بگھڙ خاصخيلي مختلف قسم جي 50 ڪيسن ۾ گھربل هو: پوليس

عمرڪوٽ پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جو رڪارڊ سامهون آڻي ڇڏيو

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ پوليس جي ترجمان پاران ٻڌايو ويو آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل مبينه خطرناڪ ڏوهاري انور عرف بگھڙ خاصخيلي بابت اهم تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، ترجمان موجب جوابدار مٿس داخل ڪيل مختلف قسم جي 50 ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل هو، جن ۾ سنگين ڏوهن جا ڪيس شامل آهن. پوليس پاران ان ڏوهن جي لسٽ به جاري ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب، سي آءِ اي پوليس ۽ ڪنري پوليس جي گڏيل ڪارروائي دوران انور عرف بگھڙ خاصخيلي کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار وٽان موٽر سائيڪل، 30 بور جو پسٽل، هڪ مئگزين، هڪ گولي ۽ هڪ خالي خول پڻ هٿ آيا آهن. جن بابت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ جو چوڻ آهي ته ضلعي ڀر ۾ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروايون جاري رهنديون، ڪنهن به ڏوهاري کي بخشيو نه ويندو.