اجلاس ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي انتظامن جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جشن عيد ميلادالنبي ﷺ کي شايانِ شان طريقي سان ملھائڻ توڙي انتظامن ۽ ان جي تيارين جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ھڪ اھم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار ھال ۾ منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺیو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ۽ پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، پاڪ آرمي جي صوبيدار روشن، چيف مونسپل آفيسر ايم سي عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاھ، پرنسپل ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر عبدالروف سومرو، ضلعي اطلاعات آفيسر محمد اسلم ڀٽي، اسپيشل برانچ انچارج امتياز علي زرداري، ايڪسيئن حيسڪو علي رضا ڀٽي، اسسٽنٽ انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو عمرڪوٽ سيد حيدر شاهه، اي ڊي او ايجوڪيشن محمد زمان کوسو، ميونسپل آفيسرن اويس سميجو، فرحان لغاري، شمشير شاھ، تاج خاصخيلي، مذهبي تنظيمن جا نمائندا مولانا غلام مصطفيٰ صابري، مولانا عمرالدين قادري، مولانا نور محمد قادري عرف بابو ڀائي، ڏاتر سينهڙو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي حوالي سان ضلعي ۾ جلوسن، محفلن ۽ مختلف تقريبن جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ ھدايتون ڏيندي چيو ته جلوسن جي رستن تي صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائٽن جي درستگي، چوڪن توڙي رستن تي چراغان ڪرڻ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، ٽريفڪ جي بھتر انتظام ۽ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام يقيني بڻايا وڃن، ھن چيو ته جلوسن جي رستن تي ميونسپل عملي کي الرٽ رکيو وڃي ۽ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ ايمرجنسي ميڊيڪل ڪيمپس ۽ ايمبولينس جي سهولت فراهم ڪري، ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ اجلاس کي سيڪيورٽي پلان تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي ۾ جلوسن دوران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي ويندي، سي سي ٽي وي ڪيمرن وسيلي مانيٽرنگ ڪئي ويندي ۽ 920 پوليس اھلڪار پنھنجا فرض نڀائيندا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ علما ڪرام ۽ ڪاميٽي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته ڀائرائپ ۽ مذھبي رواداري کي فروغ ڏيندي جشن ميلادالنبي ﷺ جا جلوس ۽ تقريبون پرامن ۽ شاندار طريقي سان منعقد ڪيون وڃن، اجلاس جي آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سڀني کاتن کي سختيءَ سان ھدايت ڪئي ته اُهي پنهنجون ذميواريون ايمانداري ۽ خوش اسلوبي سان نڀائن ته جيئن جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي عوام کي بھترين سهولتون ميسر ٿي سگھن، ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود سڀني علما ڪرام انتظاميا سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي يقين ڌياني پڻ ڪرائي.
0 تبصرے