English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد لڳ قائم انڊس موٽر، ٽويوٽا ۽ هنڊا شورومز جي پاليسين خلاف احتجاج
views
|
31st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
انڊس موٽر هتان جي نوجوانن کي نوڪري ڏيڻ بدران ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهيو آهي: مظاهرين
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد لڳ قائم انڊس موٽر، ٽويوٽا ۽ هنڊا شورومز جي پاليسين خلاف مقامي نوجوانن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران عوامي پريس ڪلب ملير آڏو وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين، نوجوان ۽ علائقائي اڳواڻ شرڪت ڪئي.احتجاج جي اڳواڻي اقبال ڪلمتي، وهاب گبول، ساجد گوريلو، فيض هيسباڻي ۽ ازادار چانڊيو ڪئي. مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي روزگار ڏيو۽ مقامي ماڻهن سان ناانصافي بند ڪريوجا نعرا لکيل هئا. مظاهرين جو چوڻ هو ته انڊس موٽر، جيڪو سندن ڳوٺ ۽ علائقي ۾ قائم آهي، هتان جي نوجوانن کي نوڪري ڏيڻ بدران ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهيو آهي، جيڪو سڌي ريت مقامي آبادي سان ناانصافي آهي.مظاهري دوران تقرير ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ جو آئين ۽ قانون هر شهري کي برابر جا حق ڏئي ٿو، پر افسوس آهي ته عالمي ۽ ملڪي سطح جي ڪاروباري ادارا به بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. انهن وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪارخانا، فيڪٽرين ۽ وڏيون ڪمپنيون مقامي زمينن تي ٺهن ٿيون ته سڀ کان پهرين حق انهن نوجوانن جو آهي، جن جو ڳوٺ ۽ علائقو متاثر ٿئي ٿو.مظاهرين هڪ هفتي جو الٽي ميٽم ڏيندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انهن جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ۽ مقامي نوجوانن کي روزگار نه ڏنو ويو ته هو انڊس موٽر جي آڏو غيرمعيادي ڌرڻو هڻي، تحريڪ کي وڌيڪ سخت شڪل ڏيندا.احتجاج ۾ شامل نوجوانن چيو ته هو بيروزگاري، مهانگائي ۽ وسيلن جي کوٽ سبب ڏاڍي ڏکي زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته سندن علائقي ۾ اربين رپين جا منصوبا هلن ٿا، پر انهن ۾ هتان جي ماڻهن کي شامل ئي نه ڪيو وڃي ٿو. انهن حڪومت ۽ انتظاميا کان به مطالبو ڪيو ته معاملي ۾ مداخلت ڪري مقامي نوجوانن جو روزگار يقيني بڻايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
رزاق آباد لڳ قائم انڊس موٽر
ملير
0 تبصرے