English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورخاص ڊويزن جي پارڪر ميگھواڙ سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن جي اليڪشن
94 views
|
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاسن ۾ سيٺ وينجھراج اينپه 1579 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، خوشي ۾ تقريب
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ميرپورخاص ڊويزن جي پارڪر ميگھواڙ سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن جي ٿيل چونڊن ۾ سيٺ وينجھراج اينپه 1579 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، ڪاميابي جي خوشي ۾ تقريب، 5 ئي پينل جي صدرن ۽ عھديدارن، اليڪشن ڪميشن چيئرمين ۽ اليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن سميت برادري جي معزز ماڻھن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، برادري جي مسئلن کي گڏجي جھدوجھد ڪري حل ڪرڻ جو وچن ورجھايو ويو خبر موجب پارڪر ميگھواڙ سوشل ويلفيئر ڊويزن ميرپورخاص جي ٿيل اليڪشن ۾ 3 ضلعن عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ايٽ مٺي ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ چونڊون ٿي گذريون چونڊن ۾ بيٺل صدارتي پينل جي اميدوارن سارنگ داس ٻوچيه، سيٺ وينجھراج اينپه، ڀڳت ڏونگرو مل پڙھيار، لڇمڻ داس کوکر ۽ مکي شنڪر لال حصو ورتو ٿيل چونڊن ۾ سيٺ وينجھراج اينپه ٽوٽل 1 ھزار 5 سئو 79 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو جڏھن ته سارنگ داس ٻوچيه 896 ووٽ کڻي ٻي پوزيشن ماڻي ورتي ٽيون نمبر تي لڇمڻ داس کوکر 637 ووٽ حاصل ڪيا ۽ ڀڳت ڏونگرو مل 472 ووٽ کڻي چوٿين ۽ مکي شنڪر لال 54 ووٽ کنيا سيٺ وينجھراج اينپه طرفان برادري جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻن تي مقامي ھال ۾ تقريب ڪوٺائي ويئي جنھن ۾ پارڪر ميگھواڙ ويلفيئر ايسوسيئشن جي سرپرست اعلي ڀمرو مل درڙا، 5 صدارتي اميدوارن جي عھديدارن سميت اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين گلاب راء جئپال اليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ برادري جي معزز ماڻھن شرڪت ڪئي برادري جي مسئلن کي حل ڪرڻ، سڄاڳي پيدا ڪرڻ، تعليم کي وڌ کان وڌ ڪرڻ سميت جيڪي به برادري جي ماڻھن جا بنيادي حق آھن اُھي ڏيارڻ لاء گڏجي جھدوجھد ڪرڻ جو وچن ورجھايو ويو. رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي صدر سيٺ وينجھراج، سارنگ داس ٻوچيه، گلاب راء جئپال ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته تاريخ ۾ پھريون ڀيرو پارڪري برادري جي اليڪشن ٿي آھي جيڪا مڪمل صاف شفاف، پرامن طريقي سان ٿي آھي، اليڪشن ۾ ڪُل 5 پينل مقابلي ۾ ھئا هنن چيو ته هن اليڪشن ۾ چونڊجي آيل پينل ٻين پينلن سان گڏجي برادري جي ڪمن ڪارن ۽ ڀلائي لاءَ ڪم ڪنديون، پارڪري برادري جي مسئلن جنھن ۾ خاص طور تي تعليم، صحت، سهڪار تي ڪم ڪري برادري کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، چونڊن دوران 36 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون ھيون جنھن ۾ ڪُل 4210 مان 3638 ووٽرن پنھنجي ووٽ جو حق استمعال ڪيو جڏھن ته 170 کان وڌيڪ پولنگ عملي پنھنجيون ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ميرپورخاص ڊويزن جي پارڪر ميگھواڙ سوشل ويلفيئر
0 تبصرے