English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
48 views
|
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊرون ڪيمرا استعمال ڪندڙن جي رجسٽريشن ضلعي انتظاميہ وٽ ڪرائي وڃي: نويدالرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت ۾ وفاقي حڪومت ۽ هوم ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ جي هدايتن تحت ٺهيل ضلعي ايمپليمينٽيشن ڪاميٽي (District Implementation Committee) جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان آرمي، پاڪستان رينجرز، پوليس، سول ڊيفنس، حساس ادارن جي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل محڪمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس ۾ ضلعي عمرڪوٽ ۾ امن امان جي صورتحال، هٿيارن جي لائسنسن، غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام، حساس هنڌن جي سيڪيورٽي، دهشتگردي خلاف قدمن، مذهبي هم آهنگي جي فروغ، اسڪولن ۽ عوامي هنڌن تي سيڪيورٽي انتظامن سميت ٻين اهم معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ ضلعي ايمپليمينٽيشن ڪاميٽي جو مقصد صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي هدايتن موجب ضلعي سطح تي امن، سلامتي ۽ عوامي تحفظ بابت قدمن تي مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي. ھن وڌيڪ چيو تہ سڀئي لاڳاپيل کاتا پنهنجي دائري ڪار ۾ ايندڙ فيصلن تي فوري عمل ڪن ۽ ايندڙ اجلاس ۾ ان بابت رپورٽ پيش ڪن. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ وڌيڪ چيو تہ ضلعي ۾ ڊرون ڪيمرا استعمال ڪندڙ سڀني ماڻهن جي رجسٽريشن ضلعي انتظاميہ وٽ ڪرائي وڃي، جيئن انهن جو مڪمل ڊيٽا رڪارڊ تي آڻي سگهجي. ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو تہ ضلع ۾ سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي ۽ پوليس اهلڪار باقاعده پيٽرولنگ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي پاڪستان آرمي 22 پنجاب رجمنٽ ڇور ڪينٽ جا ميجر مجيب الله ڪاڪڙ ۽ پاڪستان رينجرز سنڌ نيوڇور ونگ ڪمانڊر عمران بہ اجلاس ۾ سيڪيورٽي انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ چيو تہ ضلعي ۾ امن و امان برقرار رکڻ، عوامي تحفظ ۽ حساس علائقن جي سيڪيورٽي لاءِ سڀئي لاڳاپيل ادارا مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪن، جيئن ضلعي سطح تي امن جو استحڪام ۽ عوام جو اعتماد وڌي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نويدالرحمان لاڙڪ
0 تبصرے