English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
234 views
|
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊرون ڪيمرا استعمال ڪندڙن جي رجسٽريشن ضلعي انتظاميہ وٽ ڪرائي وڃي: نويدالرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت ۾ وفاقي حڪومت ۽ هوم ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ جي هدايتن تحت ٺهيل ضلعي ايمپليمينٽيشن ڪاميٽي (District Implementation Committee) جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان آرمي، پاڪستان رينجرز، پوليس، سول ڊيفنس، حساس ادارن جي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل محڪمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس ۾ ضلعي عمرڪوٽ ۾ امن امان جي صورتحال، هٿيارن جي لائسنسن، غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام، حساس هنڌن جي سيڪيورٽي، دهشتگردي خلاف قدمن، مذهبي هم آهنگي جي فروغ، اسڪولن ۽ عوامي هنڌن تي سيڪيورٽي انتظامن سميت ٻين اهم معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڊپٽي ڪمشنر نويدالرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ ضلعي ايمپليمينٽيشن ڪاميٽي جو مقصد صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي هدايتن موجب ضلعي سطح تي امن، سلامتي ۽ عوامي تحفظ بابت قدمن تي مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي. ھن وڌيڪ چيو تہ سڀئي لاڳاپيل کاتا پنهنجي دائري ڪار ۾ ايندڙ فيصلن تي فوري عمل ڪن ۽ ايندڙ اجلاس ۾ ان بابت رپورٽ پيش ڪن. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ وڌيڪ چيو تہ ضلعي ۾ ڊرون ڪيمرا استعمال ڪندڙ سڀني ماڻهن جي رجسٽريشن ضلعي انتظاميہ وٽ ڪرائي وڃي، جيئن انهن جو مڪمل ڊيٽا رڪارڊ تي آڻي سگهجي. ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو تہ ضلع ۾ سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي ۽ پوليس اهلڪار باقاعده پيٽرولنگ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي پاڪستان آرمي 22 پنجاب رجمنٽ ڇور ڪينٽ جا ميجر مجيب الله ڪاڪڙ ۽ پاڪستان رينجرز سنڌ نيوڇور ونگ ڪمانڊر عمران بہ اجلاس ۾ سيڪيورٽي انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ چيو تہ ضلعي ۾ امن و امان برقرار رکڻ، عوامي تحفظ ۽ حساس علائقن جي سيڪيورٽي لاءِ سڀئي لاڳاپيل ادارا مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪن، جيئن ضلعي سطح تي امن جو استحڪام ۽ عوام جو اعتماد وڌي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نويدالرحمان لاڙڪ
0 تبصرے