English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عدالتي فيصلي کان انڪار ايس پي خلاف ڪارروائي ٿي سگهندي؟
169 views
|
02nd Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڊاڪٽر نساء رئيساني (نيورولوجسٽ ۽ سوشيو نيوروسائنس ماهر) دبئي و شارجہ
عدالت جو حڪم نه مڃڻ، ۽ عدالت مان ئي بيگناهن کي لاپتہ ڪرڻ رڳو قانوني يا اداري جي ناڪامي ناهي، پر اهو ذهني ۽ اخلاقي بگاڙ جو عڪس آهي۔ جڏهن غائب ٿيڻ واري فهرست ۾ غني امان ۽ سرمد جهڙا نالا شامل ٿين ٿا، تڏهن رڳو انسان نه، پر انصاف جي نفسياتي بنيادن کي به زخمي ڪيو وڃي ٿو۔ ايس پي جو چوڻ ته عدالت غلط فيصلو ڏنو هي جملا رڳو هڪ بيانيه نه، پر ذهني تسلط ۽ اختيار جي لت جو اظهار آهن. اهو مقام آهي، جتي ادارتي سوچ جذباتي ردِعمل ۾ بدلجي وڃي ٿي، ۽ قانون پنهنجي فطري حيثيت وڃائي ويهي ٿو۔ جڏهن انسان يا نظام پاڻ کي غلط نه مڃڻ واري ذهني حالت ۾ وجهي ٿو، تڏهن فيصلا جذباتي مرڪزن مان ٿين ٿا، نه ته منطقي شعور مان۔ نتيجي ۾، انصاف لاپتہ ٿي وڃي ٿو، ۽ خوف غالب اچي وڃي ٿو۔ اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هر لاپتہ انسان، سماج جي اجتماعي شعور ۾ هڪ نئون زخم ڇڏي ٿو، جيڪو وقت سان ڀرجي نٿو سگهي۔ عدالت جو حڪم صرف قانوني ڪاغذ نه، پر انساني ضمير جو امتحان آهي۔ جيڪڏهن ادارا پاڻ ان امتحان ۾ ناڪام ٿين، ته پوءِ معاشرو پنهنجي نفسياتي توازن کي وڃائي ويهي ٿو۔ جڏهن ظلم حدون پار ڪري ٿو، تڏهن بغاوت فطرت جو ردِعمل بڻجي وڃي ٿي۔ عوام تڏهن باغي نٿو ٿئي، جڏهن هن وٽ روڊن تي نڪرڻ جو شوق هجي، پر تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هر در تي انصاف بند ملي، هر سوال تي ڌمڪي ملي، ۽ هر آواز تي خاموشي مسلط ڪئي وڃي۔ نيوروسائنس ٻڌائي ٿي ته انساني دماغ جڏهن بار بار ناانصافي ۽ خوف جو تجربو ڪري ٿو، تڏهن amygdala جو ردِعمل بدلجي وڃي ٿو يعني ڊپ ختم ٿي وڃي ٿو، ۽ انسان جو دماغ خطر قبول ڪرڻ واري حالت ۾ داخل ٿي وڃي ٿو۔ اهو ئي لمحو آهي، جتي خاموش ماڻهو باغي بڻجي ٿو۔ غني امان ۽ سرمد جهڙن ڪيسن ۾، جڏهن عدالتن جا حڪم به نظرانداز ٿين ٿا، تڏهن عوام انصاف لاءِ ٻيو دڳ وٺي ٿو، ڇوتہ دماغ انصاف کان بغير توازن برقرار نٿو رکي سگهي۔ سماج کي تباهه ادارا نه، پر انهن جي بيحسي ڪري ڇڏين ٿا۔ ۽ جڏهن بيحسي حڪمراني ڪرڻ لڳي، تڏهن شعور جا دروازا پاڻ کلي وڃن ٿا ماڻهو پنهنجو خوف وساري، پنهنجي حق لاءِ اٿن ٿا۔ اها بغاوت ڏوهه نه، پر زندهه ضمير جو ثبوت آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Mar 2026
•
شوبز
شکیرا کا بھارت کے بعد قطر میں ہونے والا کنسرٹ بھی ملتوی
24th Mar 2026
•
شوبز
طلاق سے پہلے ہی فیصل قریشی نے شادی کی پیشکش کی تھی: ثنا فیصل
24th Mar 2026
•
شوبز
عید پر ہانیہ عامر کی ساڑھی متنازعہ بن گئی، سوشل میڈیا پر تنقید
24th Mar 2026
•
صحت
کیا کمر درد کی اصل وجہ وٹامن ڈی کی کمی ہے؟ نئی تحقیق میں اہم انکشاف
24th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز جي عدالت مان پيشي لاءِ آندل جوابدار فرار، غفلت جي الزام هيٺ آيل اهلڪار گرفتار
24th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر سان فاطمه مجيد جي ملاقات
24th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
قائد آباد ۾ ڪوسٽر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2موٽر سائيڪل سوار فوت
24th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ھائير سيڪنڊري اسڪول مان 1996 ۾ پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگردن پاران عيد ملن پارٽي منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊاڪٽر نساء رئيساني
دبئي و شارجہ.
0 تبصرے