English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس jon ڪارروائيون، 4جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
52 views
|
05th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
جوابدارن ۾ سجاد منگي، صمد ميمڻ، افضل جتوئي ۽ سلمان راجپوت شامل آهن: پوليس
ٺٽو (شفيق ڀٽي) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رضا ق دهاريجو جي هدايتن تي ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراني جي حڪمن موجب ٺٽو پوليس پاران منشيات، ڏوھاري عنصرن، عادي مجرمن، گٽڪو ۽ مين پڙي خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي۔ ايس ايڇ او ٿاڻو گھارو انسپيڪٽر محمد علي ڊامرا پنهنجي ٽيم سميت آري ڪيمپ ۽ فلٽر چاڙي گھارو ويجهو ڪارروائي ڪندي آلٽو ڪار نمبر BSN-738 ۽ مزدا ٽرڪ نمبر JY-5638 ۾ گٽڪو سامان منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي۔ پوليس ڪارروائي دوران چار گٽڪو سپلائر ملزم، سجاد ولد محمد اسماعيل منگي، عبدالصمد ولد دائود ميمڻ، افضل ولد سليمان جتوئي ۽ سلمان ولد اسلم راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو۔ ڪارروائي ۾ پوليس 300 ڪلو گٽڪو مٽيريل، 300 پڙيون گٽڪو ماوا، 2 موبائل فونز، مزدا ٽرڪ ۽ آلٽو ڪار قبضي ۾ وٺي ورتي۔ گرفتار ڪيل ملزمن خلاف ٿاڻي گھارو تي گٽڪو ايڪٽ تحت الڳ الڳ مقدما داخل ڪيا ويا آهن۔ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراني چيو آهي ته ٺٽو ضلع ۾ منشيات ۽ گٽڪي خلاف ڪارروايون بي رڪاوٽ جاري رهنديون۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پوليس
0 تبصرے