English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گھگھر ۾ ريلوي جي وفاقي وزير حنيف عباسي جي دوري دوران ٽي ايل ملازمن جو احتجاج، پوليس کين ملاقات کان روڪي ڇڏيو
110 views
|
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان ريلوي جي وفاقي وزير حنيف عباسي جي دوري دوران گهگهر ملير لڳ پاڪستان ريلوي سان لاڳاپيل ٽي ايل (ٽيمپري ليبر) ملازمن نوڪريون پڪيون نه ٿيڻ ۽ رهيل پگهارن جي ادائيگي نه ٿيڻ خلاف شديد احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙ ملازمن کي پوليس ۽ انتظاميه طرفان وفاقي وزير سان ملاقات ڪرڻ کان روڪيو ويو، جنهن سبب ملازمن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.ان موقعي تي مزدور اڳواڻن فاصل قيصراڻي، شاردلا جوکيو ۽ مولوي نظر جوکيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو گذريل 15 سالن کان پاڪستان ريلوي ۾ ٽي ايل بنياد تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، پر اڄ تائين کين مستقل ناهن ڪيو ويو. هنن وڌيڪ چيو ته گذريل چار مهينن کان پگهارون به ادا ناهن ڪيون ويون، جنهن سبب سندن گهرن ۾ فاقاڪشي جهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي.مزدورن جو چوڻ هو ته هو پرامن طريقي سان وفاقي وزير آڏو پنهنجا جائز مطالبا رکڻ چاهين پيا، پر پوليس ۽ انتظاميه کين ملاقات جي اجازت نٿي ڏئي. هنن الزام لڳايو ته ٽي ايل مزدور ريلوي ۾ سڀ کان وڌيڪ محنت ڪن ٿا ۽ ادارو سندن محنت سبب ئي مستحڪم آهي، ان باوجود نه نوڪريون پڪيون ڪيون وڃن ٿيون ۽ نه ئي رهيل پگهارون ادا ڪيون وڃن ٿيون. احتجاج ڪندڙن صدرِ پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٽي ايل ملازمن کي فوري طور مستقل ڪيو وڃي ۽ سندن سموريون رهيل بقايائون بنا دير ادا ڪيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: ڈیفنس کی مرکزی سڑک پر ڈیجیٹل بل بورڈز پر غیر اخلاقی ویڈیو چلنے گئی، شہری برہم
05th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ایپسٹین فائلز: 30 ہزار صفحات کی رپورٹ، ٹرمپ سے متعلق متنازع دعوے اور وائرل ویڈیو
05th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ایپسٹین فائلز: حقیقت کی تہہ میں چھپی کہانی
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
05th Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: ڈیفنس کی مرکزی سڑک پر ڈیجیٹل بل بورڈز پر غیر اخلاقی ویڈیو چلنے گئی، شہری برہم
05th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ایپسٹین فائلز: 30 ہزار صفحات کی رپورٹ، ٹرمپ سے متعلق متنازع دعوے اور وائرل ویڈیو
05th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ایپسٹین فائلز: حقیقت کی تہہ میں چھپی کہانی
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گھگھر ۾ ريلوي جي وفاقي وزير
0 تبصرے