English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيڻ واري واقعي جو ٽريڪٽر ڊرائيور گرفتار
104 views
|
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٽريڪٽر ٽرالي هٿ ڪري ڊرائيور يار محمد سمون کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڍورونارو عمرڪوٽ روڊ تي پيش آيل حادثي واري ڪيس ۾ پوليس اهم اڳڀرائي حاصل ڪري ورتي آهي، تعلقه ٿاڻي عمرڪوٽ جي ايس ايڇ او جاويد حيات پنهور جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم مسلسل ڳولا ۽ محنت کان پوءِ حادثي ۾ ملوث ٽريڪٽر ٽرالي هٿ ڪري ڊرائيور يار محمد سمون کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي، واضح رهي ته 16 ڏينهن اڳ ڍورونارو عمرڪوٽ روڊ پپري موري اسٽاپ ڀرسان ڪاٺين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل تي سوار ٻن نوجوانن کي ٽڪر هنيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڍورونارو شهر جا نوجوان مرتضيٰ راڄڙ ۽ ذوهيب پٺاڻ موقعي تي ئي فوت ٿي ويا هئا، حادثي کان پوءِ ٽريڪٽر ڊرائيور ٽريڪٽر سميت فرار ٿي ويو هو، واقعي بعد پوليس طرفان مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا ۽ فني بنيادن تي جاچ جاري رکي وئي، آخرڪار پوليس ٽيم حادثي ۾ استعمال ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي هٿ ڪري ڊرائيور يار محمد سمون کي گرفتار ڪيو، جنهن پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪندي حادثي ۾ ملوث هجڻ قبول ڪيو، فوتي نوجوان مرتضيٰ راڄڙ جي والد ممتاز راڄڙ جي فرياد تي تعلقه ٿاڻي عمرڪوٽ تي قلم 320 تحت ٽريڪٽر مالڪ ڪيول ڪولهي ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور يار محمد سمون خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار کان وڌيڪَ جاچ جاري آهي ۽ جلد ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوانن جي وارثن ۽ علائقي واسين پوليس جي هن اهم اڳڀرائي کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته کين انصاف فراهم ڪيو ويندو ۽ ڏوهارين کي قانون مطابق سزا ملندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ حادٿي ۾ 2 ڄڻا فوت
0 تبصرے