English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ انٽرنيشنل اينٽي ڪرپشن ڊي تي هڪ ڏينهن وارو سيمينار منعقد
152 views
|
09th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سُڪار ويلفير آرگنائيزيشن ۽ ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل پاڪستان جي تعاون سان سيمينار ٿيو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سُڪار ويلفير آرگنائيزيشن عمرڪوٽ پاران ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل پاڪستان جي سهڪار سان ٿر انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۽ الائيڊ هيلٿ سائنسز عمرڪوٽ ۾ انٽرنيشنل اينٽي ڪرپشن ڊي جي مناسبت سان هڪ روزه سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن، نوجوانن، سماجي ورڪرن ۽ سرڪاري ادارن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڪرپشن خلاف گڏيل عزم جو اظهار ڪيو، سيمينار جي صدارت سُڪار ويلفير آرگنائيزيشن عمرڪوٽ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايڊووڪيٽ محمد بخش ڪنڀر ڪئي، جنهن خطاب ڪندي چيو ته 9 ڊسمبر عالمي سطح تي ڪرپشن جي خاتمي جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو، جنهن جو مقصد عام شهري ۾ رشوت مخالف شعور پيدا ڪرڻ، بهتر ولياقت ۽ شفاف نظام کي هٿي ڏيڻو آهي، هن چيو ته رشوت ۽ بدعنواني سماج کي آهستي آهستي کائي وڃن ٿيون، ان لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچي معاشري ۾ ايمانداري جي فضا کي مضبوط ڪرڻو پوندو، تعليمي آفيسر جاويد جوکيو خطاب ڪندي چيو ته رشوت جي خاتمي لاءِ 2003 کان اقوام متحده جو ڪنوينشن (UNCAC) لاڳو آهي، جنهن تي 190 ملڪن صحيحون ڪيون آهن، جن جو مقصد بهتر حڪمراني، احتساب ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ آهي، هن چيو ته هن سال جو اينٽي ڪرپشن ڊي جو موضوع نوجوانن سان اتحاد ماحولياتي بقا ۽ پائيدار ترق آهي، ڇو ته ماحولياتي تبديليون پاڪستان لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهن، جڏهن ته امداد ۽ رليف ۾ شفافيت نه هئڻ ڪري متاثر عوام تائين حقيقي سهائتا نٿي پهچي، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر مشرف سيمينار ۾ ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ 1.9 بلين نوجوان آبادي موجود آهي، جيڪا ڪرپشن خلاف گڏجي بيهي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهي ٿي، پاڪستان ۾ 64٪ آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، جيڪي وڏي قوت آهن ۽ بهتر حڪمراني ۽ ايماندار نظام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ايڊمنسٽريٽر ٿر انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رشوت هڪ عالمي موذي مرض آهي، جيڪو جمهوريت ۽ قومي ادارن کي ڪمزور ڪري اقتصاديات کي تباهه ڪري ٿو، هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ مطابق پاڪستان 180 ملڪن مان 135 نمبر تي آهي، جيڪو تشويشناڪ انگ آهي، سروپچند مالهي پنهنجي خطاب ۾ رشوت جي تعريف بيان ڪندي چيو ته اختيارن جو ناجائز استعمال يا ذاتي مفاد لاءِ اختيارن مان فائدو وٺڻ کي ڪرپشن چيو وڃي ٿو، هن وڌيڪَ چيو ته سرڪاري نوڪريون، سفارش، گفٽ رقمون، ٽيڪس چوري، عوامي حقن جو استحصال به ڪرپشن جون عام صورتون آهن، نوجوان اڳواڻ سنڌو مري چيو ته صحت، روڊز، تعليم، روينيو، پوليس ۽ ٻين کاتن اندر رشوت عام آهي، جنهن سبب غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو، حنا شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سفارش ۽ پنهنجا نواز پاليسي ختم ڪري، ميرٽ کي هٿي ڏني وڃي ته ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري پائيدار ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي، سيمينار دوران نوجوانن ڪرپشن خلاف گڏيل جدوجهد جو عزم ڪيو ۽ معاشري ۾ ايمانداري، شفافيت ۽ ذميواري کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ تي زور ڏنو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ انٽرنيشنل اينٽي ڪرپشن
0 تبصرے