English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سيده حميره بنت معاذ جي صدارت هيٺ اجلاس
7 views
|
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي سهڪار سان ووٽ جي داخلا لاءِ استعمال ٿيندڙ فارم 21 بابت آگاهي ڏني وئي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سيده حميره بنت معاذ جي زير صدارت ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي سهڪار سان ووٽ جي داخلا لاءِ استعمال ٿيندڙ فارم 21 جي سرگرمي بابت شيو مندر ٺٽو ۾ اقليتي برادري لاءِ آگاهي اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس جو مقصد اقليتي برادري کي ووٽر لسٽن جي درستگي، نون ووٽرن جي رجسٽريشن، نالن جي اندراج، تصحيح ۽ منتقلي بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ هو. آگاهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شفاف ۽ منصفاڻن چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ فارم 21 سرگرمي تحت پوري ملڪ ۾ آگاهي مهم هلائي رهي آهي، جنهن جو مقصد هر شهري کي پنهنجو ووٽ استعمال ڪرڻ جو حق سمجهائڻ ۽ ووٽر لسٽن ۾ ڪنهن به غلطي کي بروقت درست ڪرائڻ آهي. هن چيو ته اقليتي برادري سميت سماج جي هر طبقي جي چونڊ عمل ۾ ڀرپور شرڪت انتهائي ضروري آهي. اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي فارم 21 جي اهميت، ووٽر لسٽن جي جانچ جو طريقو، نادرا رڪارڊ سان مطابقت، آن لائين ۽ آف لائين درخواستن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي ميمبرن اقليتي برادري جي سوالن جا جواب ڏيندي عملي رهنمائي پڻ فراهم ڪئي. اقليتي برادري جي اڳواڻن آگاهي اجلاس کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون سرگرميون کين پنهنجن جمهوري حقن کان واقف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هنن اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ به اهڙا پروگرام جاري رکيا ويندا ته جيئن وڌيڪ ماڻهن کي ووٽر لسٽن بابت ڄاڻ ملي سگهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن فارم 21 سرگرمي بابت بروشر ۽ معلوماتي مواد حاصل ڪيو، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اليڪشن آفيس پاران تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ جانورن کي مخلتف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مختيارڪار ڏوڪري طرفان ايڪسائيز پوليس سان گڏ ڊيوٽي فري سگريٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي
اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سيده حميره بنت معاذ
0 تبصرے