ڪنري جي اسڪول ۾ سائنسي ميلو منعقد، شاگردن ماڊلز ۽ پروجيڪٽ پيش ڪيا

گورنمينٽ فضل عمر هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ھڪ ڏينهن وارو سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو

ڪنري جي اسڪول ۾ سائنسي ميلو منعقد، شاگردن ماڊلز ۽ پروجيڪٽ پيش ڪيا

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري جي اسڪول ۾ هڪ روزه سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو، شاگردن پاران مختلف ماڊلز ۽ پروجيڪٽ ٺاهي پيش، ڀرپور حوصلا افزائي. خبر موجب ڪنري جي گورنمينٽ فضل عمر هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ھڪ روزه سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو، ميلي ۾ شاگردن پاران سائنس، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ جي حوالي سان ۾ شاندار اسٽيم ماڊلز پيش ڪيا ويا، سائنسي ميلي ۾ ٽي اي او پرائمري علي احمد ڀنڀرو، ٽي اي او سيڪنڊري فيميل مختيار درس، اسڪول پرنسپال سيد محبوب شاھ، مجيد ڀٽي ۽ ٻين سان گڏ سمورن اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ شاگردن جي صلاحيتن ۽ ذهانت جي واکاڻ ڪئي، ان موقعي تي اسڪول پرنسپال سيد محبوب شاھ جو چوڻ ھو ته سائنسي مقابلا ڪرائڻ جو مقصد شاگردن کي پڙھائي سان گڏوگڏ جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جديد تقاضن تحت ماڊرن بڻائڻ آهي ته جيئن هو هن جديد دور جو مقابلو ڪري سگهن، جيڪڏهن پاڪستان کي ترقي يافته ڪرڻو آهي ته سائنسي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي تمام ضروري آهي. ٽي اي او علي احمد ڀنڀرو چيو ته ڪنري تعلقي جي پنجن اسڪولن ۾ سائنسي ميلا ٿي رهيا آھن انھن ميلن ۾ سٺا ماڊلز ۽ پراجيڪٽس پيش ڪندڙ شاگردن کي ضلعي سطحي تي ٿيندڙ پروگرام ۾ پھچايو ويندو ۽ اتان کان صوبي ليول جي ٿيندڙ ايوينٽ ۾ مقابلو ڪرايو ويندو، هن چيو ته شاگرد مان ملندڙبٽيلينٽ استادن جي محنت ۽ ڪاوشن جو نتيجو آهي پٺتي پيل علائقي جي شاگردن ۾ سائنس ۾ تمام وڌيڪ ٽئلينٽ آھي جيڪا يقينن فخر جي ڳالھ آھي.