English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
421 views
|
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ٽورنامينٽ جي پهرين ڪوارٽر فائينل ۾ حر شاهين پاران يوڪي ٽائيگر کي شڪست ڏني وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ جاري ٻئي الحاج مرحوم سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا شاندار مقابلا رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي اهتمام، اسپانسرشپ ۽ اسپورٽس يوٿ افيئر ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي سهڪار سان جاري آهن، ٽورنامينٽ جو پهريون ڪوارٽر فائينل حر شاهين ۽ يوڪي ٽائيگر وچ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ ٽاس کٽي حر شاهين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، حر شاهين مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 239 رنسن جو وڏوذ ٽارگيٽ ڏنو، حر شاهين طرفان شيروز آرائين شاندار 105 رنسون ۽ دانش شيخ 60 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جواب ۾ يوڪي ٽائيگر جي ٽيم 210 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ ابرار مري 70 ۽ ثاقب قائمخاني 40 رنسون ٺاهيون، پر ٽيم هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ميچ هارائي ويٺي، ۽ حر شاھين سيمي فائينل ۾ پهچي وئي، ٻئي سيڪنڊ ڪوارٽر فائينل ۾ اوڏ اسٽار ۽ الفريڊ آمهون سامهون ٿيا، ٽاس کٽي الفريڊ پهرين بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاهيون، الفريڊ طرفان عطا سهتو 60، غلام عباس عرف ڪالي خان 50 ۽ حسين سميجو 40 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جواب ۾ اوڏ اسٽار زبردست ڪارڪردگي ڏيکاري، آخري اوور تائين مقابلو ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو، پر اوڏ اسٽار پنهنجي جوهر ڏيکاريندي 20 اوورن ۾ 185 رنسون ٺاهي ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو، اوڏ اسٽار طرفان مدن 79 ۽ مڪيش 50 رنسون ٺاهي شاندار راند جو مظاهرو ڪيو، اوڏ اسٽار ٽيم آخري اوور ۾ ميچ کٽي سيمي فائينل ۾ پهچي وئي، جڏهن ته ميچ دوران ڪاميٽيٽر اسد علي کوسو پڻ پنهنجي بهترين انتظامي صلاحيتن سان سڀني کي متاثر ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه
0 تبصرے