عمرڪوٽ ۾ ٻي الحاج مرحوم سيد علي مردان شاھ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل

حر شاھين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائينل ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي کي شڪست ڏئي ڇڏي

عمرڪوٽ ۾ ٻي الحاج مرحوم سيد علي مردان شاھ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ ٻي الحاج مرحوم سيد علي مردان شاھ ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل ميچ وڏي جوش ۽ جذبي سان کيڏيو ويو، جيڪو رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ جي اھتمام و اسپانسرشپ ھيٺ ۽ اسپورٽس يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ ۽ ميونسپل ڪميٽيءَ عمرڪوٽ جي سهڪار سان جاري رھيو، جنھن ۾ حر شاھين شاندار ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندي رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کٽي ورتو، فائينل ميچ ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ٽاس کٽي پھرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي مقرر 20 اوورن ۾ آل آئوٽ ٿي 144 رنز ٺاھيا، بيٽنگ ۾ ڪرن 31، نادر 20 ۽ ممتاز 15 رنز ٺاھي نمايان رھيا، حر شاھين طرفان بالنگ ڪندي مقبول شاندار 4 وڪيٽون، يوراج 3 ۽ عامر 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ حر شاھين ٽيم زبردست بيٽنگ جو مظاھرو ڪندي صرف 14 اوورن ۾ 144 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو، بيٽنگ ۾ ڪامران 72 رنز، خادم خاصخيلي 52 رنز ۽ روي 15 رنز ٺاھي نمايان رھيا، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي طرفان بالنگ ڪندي جبران 2 ۽ جاويد 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، فائينل ميچ ۽ انعامي تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر جي ايم اسلم ڀٽي، صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر، نامور ڊاڪٽر شفيع محمد بجير، انٽرنيشنل روٽري ڪلب امراڻو جي صدر محمد زمان کوسو، سماجي شخصيت ڌرمداس نرڀاڻي، سيد مخدوم شاھ قاسماڻي، عادل حسين رحيمداڻي، مزمل اڌھيپوري ۽ ٻين معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي چيو ته اسان عمرڪوٽ ۽ ٿر جي نوجوانن جي راندين جي حوالي سان تقدير تبديل ڪرڻ جو عزم رکون ٿا، جيڪڏھن اسپورٽس کي مناسب سهڪار ملي ته ھن علائقي مان قومي ۽ بين الاقوامي سطح جا رانديگر نڪري سگھن ٿا، ھن وڌيڪَ چيو ته اسان بار بار مطالبو ڪريون ٿا ته جنرل عاصم منير، وزيراعظم پاڪستان ۽ وزيراعليٰ سنڌ اسپورٽس لاءِ فنڊ فراھم ڪن، ڇو ته رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي کي نالي ماتر فنڊ فراھم ڪيا ٿا وڃن جنھن سبب سرگرميون هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آھي، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي قومي ڏينھنن تي به راندين جا ايونٽ ڪرائيندي اچي ٿي، پر ان باوجود اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، رسول بخش رحيمداڻي چيو ته صحتمند اسپورٽس سرگرميون نوجوانن کي منشيات، غلط عادتن ۽ ڏوھاري رستن کان بچائين ٿيون، جڏھن نوجوان راندين ۾ مصروف رھندا ته ملڪ ۽ قوم جي سچي خدمت جو جذبو پيدا ٿيندو، ھن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عمرڪوٽ ۾ عورتن لاءِ الڳ اسپورٽس ڪامپليڪس ۽ اسٽيڊيم تعمير ڪيو وڃي ته جيئن نياڻيون به راندين ۾ حصو وٺي ملڪ جو نالو روشن ڪن، نوجوانن کي اسپورٽس ۾ اڳتي آڻڻ تڏھن ئي ممڪن آھي، جڏھن اڪيڊمين کي وقت سر ۽ صحيح فنڊ ملندا، انھيءَ کانپوءِ صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر، روٽري ڪلب امراڻو جي صدر محمد زمان کوسو، ڊاڪٽر شفيع محمد بجير ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي کي بھترين، منظم ۽ يادگار ٽورنامينٽ منعقد ڪرائڻ تي سلام پيش ڪريون ٿا، جيڪي سدائين نوجوانن لاءِ صحت مند اسپورٽس سرگرمين کي ھٿي ڏيندا رھيا آھن، ھنن وڌيڪَ چيو ته اھڙيون سرگرميون عمرڪوٽ جھڙي علائقي لاءِ نعمت آھن ۽ حڪومت کي گھرجي ته اھڙين اڪيڊمين جي مڪمل حوصلا افزائي ڪري، ان موقعي تي صحافين صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر، لجپت مالھي، غلام مصطفيٰ مھر، سجاد علي شيخ، مشتاق ڪنڀر، اشوڪ ڪمار درڙا، سوائي مل رکيسر، اسد علي ڀرڳڙي، سورج ڪمار مالھي، الفت فدا حسين حيدري سميت سماجي اڳواڻن روٽري ڪلب امراڻو جي صدر محمد زمان کوسو سميت ٻين کي بيسٽ پرفارمنس، بيسٽ جرنلسٽ، حسن ڪارڪردگيءَ، جون شيلڊون ڏنيون ويون، جڏھن ته آيل سمورن مھمانن صحافين وقاص يوسفزئي، انفارميشن کاتي جي محبت سومرو، رميش ڪلال سميت ڪاميٽيٽر منير نهڙي، اڪرم منڱريو کي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا، ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم حر شاھين کي ٽرافي، 15 ھزار روپين جو چيڪ، شيلڊ ۽ نقد انعام ڏنو ويو، جڏھن ته رنر اپ ٽيم رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي کي ٽرافي، 10 ھزار روپين جو چيڪ، شيلڊ ۽ نقد انعام سان نوازيو ويو، جڏھن تہ ٻنهي ايمپائرز ۽ والينٽيئر سميت آرگنائيزر ورڪرز کي شيلڊ ۽ نقد انعامات ڏنا ويا، ان موقعي تي ڪاميٽيٽر منير احمد نهڙي ۽ اسڪورر اڪرم منڱريو، فقير ياسر پڻ پنھنجون بھترين خدمتون سرانجام ڏئي ٽورنامينٽ کي ڪامياب بڻايو، پروگرام ۾ صحافين سماجي اڳواڻن شھرين سميت ميرپورخاص ڊويزن جي مختلف علائقن مان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.