English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٿرپارڪر جو پهريون آرٽس نمائشي ميلو مٺي ۾ شروع، پروفيسر نادر جمالي ۽ نوجوان آرٽسٽ روي ٽوهاڻي افتتاح ڪيو
266 views
|
08th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
مٺي( رپورٽر) ٿرپارڪر جو پهريون آرٽس نمائشي ميلو مٺي ۾ شروع ، ميلي پيٽنگ، مجسما سازي،ڪئليگرافي ڊرائينگ ۽ ڪرافٽ جي نمائش ڪئي وئي ۽ ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا خبر موجب مٺي ۾ ٿر آرٽ اسٽوڊيو پاران ٻن ڏينهن وارو لڳندڙ پهريون ٿر آرٽ نمائشي ميلو شروع ٿي ويو. ٻن ڏينهن واري ٿر آرٽ نمائش ميلي جو ناليواري آرٽسٽ پروفيسر نادر جمالي ۽ نوجوان آرٽسٽ روي ٽوهاڻي افتتاح ڪيو،ميلي ۾ پيٽنگ، مجسما سازي،ڪئليگرافي ڊرائينگ ۽ ڪرافٽ جي نمائش ڪئي وئي ۽ ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا، ٿر آرٽ نمائشي ميلي ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن، شاگردياڻين، مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ناليواري آرٽسٽ پروفيسر نادر جمالي چيو ته ٿر آرٽ اسٽوڊيو پاران پهريون ٿر آرٽ نمائشي ميلو هڪ خوش آئند ڳالھ آھي، ٿر آرٽ نمائشي ميلي جو مقصد ٿر جهڙي پُٺتي پيل علائقي ۾ لڪيل ٽيلينٽ کي اجاگر ڪرڻ آهي،مونکي ٿر جي نوجوانن جو ٽيلينٽ ڏسي خوشي ٿي آهي ته ٿر ۾ اهڙو ٽيلينٽ موجود آهي جنهن کي دنيا آڏو آڻڻ لاءِ روي بهتر قدم کنيو آهي،آرٽسٽ نادر جمالي هن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اهڙن نوجوانن جي ٽيلينٽ کي دنيا آڏو آڻڻ لاءِ ٿر آرٽ ڪائونسل جو بنياد رکي. جڏهن ته ٿر آرٽ اسٽوڊيو جي سي اي او نوجوان آرٽسٽ روي ٽوهاڻي چيو ته ٿر هڪ آرٽسٽڪ خطو آهي ٿر ۾ لڪيل ٽيلينٽ دنيا آڏو آڻڻ لاءِ هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي،آرٽ سان دلچسپي رکندڙ نوجوانن جي سکيا لاءِ جلد ٿر آرٽ اسٽوڊيو ۾ ڪلاس شروع ڪيا ويندا جڏهن ته ٿر آرٽ نمائشي ميلو اڄ تائين جاري رهندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٿرپارڪر جو پهريون آرٽس نمائشي
ميلي ۾ پيٽنگ، مجسما سازي،ڪئليگراف
0 تبصرے