English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ حاجي علي مردان شاهه جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جون تياريون
221 views
|
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ جي اهتمام هيٺ ميونسپل ڪميٽي هال ۾ اهم تياري گڏجاڻي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ۾ ٻيو آل سنڌ ڊسٽرڪٽ عمرڪوٽ مرحوم حاجي علي مردان شاهه ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٽن ڏينهن اندر شروع ٿيڻ وارو آهي، جنهن سلسلي ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ جي اهتمام هيٺ ميونسپل ڪميٽي هال عمرڪوٽ ۾ هڪ اهم تياري گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، گڏجاڻيءَ جي صدارت رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ جي صدر رسول بخش رحيمداڻي ڪئي، جڏهن ته چيف آرگنائيزر اسپورٽس مين اسد علي ڀرڳڙي، آرگنائيزر جبران علي ۽ آرگنائيزر و پريس ترجمان رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ سجاد علي شيخ پڻ موجود هئا، گڏجاڻيءَ ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي عمرڪوٽ، مري اليون ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، حر شاهين ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، سرداراڻي ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، روڪ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، هوپ فار ڊزرٽ ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، شاهين ڇور ڪرڪيٽ ڪلب ڇور، الفرينڊ ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، تاج اڪيڊمي عمرڪوٽ، يوڪي ٽائيگر ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، ڀٽائيءَ اليون ڪلب جيمس آباد جناح اسپورٽس ڪرڪيٽ ڪلب ڪنري ۽ جوسباباد ڪرڪيٽ ڪلب ڪنري جي ڪپتانن ۽ آفيشيئلز شرڪت ڪئي، گڏجاڻي دوران ٽورنامينٽ جي شيڊيول، ميچن جي قاعدن، امپائرنگ، ڊسپلن، سيڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، آرگنائيزرن واضح ڪيو ته ٽورنامينٽ ۾ ٻاهرين ضلعن جا رانديگر شامل نه هوندا ۽ صرف مقامي ضلع عمرڪوٽ سان لاڳاپيل رانديگرن کي کيڏڻ جي اجازت هوندي، اسپانسر رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ طرفان اعلان ڪيو ويو ته ٽورنامينٽ جي ونر ۽ رنر اپ ٽيمن کي نقد انعامات ڏنا ويندا، جڏهن ته مين آف دي ميچ، مين آف دي سيريز، بهترين بالر، بهترين بيٽسمين ۽ ٻين نمايان رانديگرن کي پڻ انعامن سان نوازيو ويندو، آرگنائيزرن ٻڌايو ته ٽورنامينٽ دوران چونڊيل نمائندا، ضلعي انتظاميه، استاد، پروفيسر، معزز شهري ۽ راندين سان لاڳاپيل شخصيتون به شرڪت ڪنديون، جنهن سان نوجوانن ۾ راندين جو شوق وڌندو ۽ صحتمند سرگرمين کي هٿي ملندي، آخر ۾ صدر رسول بخش رحيمداڻي ۽ چيف آرگنائيزر اسد علي ڀرڳڙي اميد ظاهر ڪئي ته مرحوم حاجي علي مردان شاهه جي نالي سان منسوب هي ٽورنامينٽ امن، ڀائيچاري ۽ اسپورٽس مين اسپرٽ جو سٺو مثال ثابت ٿيندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ حاجي علي مردان شاهه جي ياد
0 تبصرے