English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، رحيمداڻي اڪيڊمي پاران هوپ فار ڊيزرٽ کي 4 وڪيٽن سان شڪست
268 views
|
28th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (اسپورٽس نیوز ڪانجي مل رکيسر) ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ جاري ٻئي الحاج مرحوم سيد علي مردان شاهه ڊسٽريڪٽ اينڊ آل سنڌ هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي هڪ سنسني خيز مقابلي ۾، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ هوپ فار ڊيزرٽ کي 4 وڪيٽن سان شڪست ڏئي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي، ٽورنامنٽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي نگراني ۽ اسپانسرشپ جي تعاون سان منعقد ڪيو پيو وڃي، ميچ ۾ هوپ فار ڊيزرٽ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر ڪيل 20 اوورز ۾ 173 رنز ٺاهيا، ٽيم جي طرفان انيل ڪمار شاندار بيٽنگ ڪندي 91 رنز جو دلڪش اننگز کيڏيو، جڏهن ته اسد کوسو 33 رنز ٺاهيندي هن جو ڀرپور ساٿ ڏنو، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي طرفان نادر علي بهترين بولنگ ڪندي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي مقرر ڪيل هدف صرف 17 اوورز ۾ حاصل ڪري ورتو، فهيم شاندار ۽ ذميوار بيٽنگ ڪندي 75 رنز ناٽ آئوٽ ٺاهيا، جڏهن ته جبران 40 ۽ ڪرن 35 رنز ٺاھي نمايان رھيا، ان شاندار ڪارڪردگيءَ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ رسول بخش رحيمداڻي پاران فهيم کي ڏنو ويو، جنهن ٽيم کي فتح سان همڪنار ڪيو، تماشائين ميچ دوران شاندار راند مان مڪمل لطف ورتو، جڏهن ته منتظمين ٽورنامنٽ جي ڪامياب انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ
رحيمداڻي اڪيڊمي پاران هوپ فار
0 تبصرے