English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ يوم حضرت علي عه جي حوالي سان اجلاس، سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار
305 views
|
09th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد پيرل چانڊيو جي صدارت ۾ ٿيو
سجاول (رپورٽر)ضلعي انتظاميه سجاول پاران يومِ شهادت حضرت عليؓ جي حوالي سان اجلاس، سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو -ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد پيرل چانڊيو جي صدارت هيٺ يومِ شهادت حضرت عليؓ جي موقعي تي امن امان ۽ ٻين انتظامن بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پوليس، صحت، روينيو، حيسڪو، پي پي ايڇ آءِ، ريسڪيو 1122، ٽائون ڪميٽي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يومِ شهادت حضرت عليؓ جي موقعي تي نڪرندڙ جلوسن ۽ ٿيندڙ مجلسن لاءِ سيڪيورٽي، طبي سهولتن، بجلي جي فراهمي، صفائي سٿرائي ۽ ٽريفڪ انتظامن سميت ٻين ضروري معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد پيرل چانڊيو لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته يومِ شهادت جي موقعي تي عوام کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ سيڪيورٽي سميت سمورا انتظام اثرائتي ۽ گڏيل انداز ۾ مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن يوم شهادت حضرت علي جو ڏهاڙو پرامن ۽ منظم نموني سان منعقد ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول ۾ يوم حضرت علي عه جي حوالي
0 تبصرے