English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ڳوٺ محمد حسن شيخ جي متاثرن ۾ سامان ورهايو ويو
211 views
|
05th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
هلال احمر ٺٽي جي چيئرمين محمد حنيف ميمڻ پاران سامان ورهايو ويو
ٺٽو( رپورٽ شفيق ڀٽي) ڳوٺ محمد حسن شيخ جي متاثرن ۾ هلال احمر پاڪستان ٺٽو جي چيئرمين حاجي محمد حنيف ميمڻ پاران امدادي سامان ورهايو ويو.غلام الله ۽ بلوسر ڪالوني جي وچ ۾ واقع ڳوٺ محمد حسن شيخ ۾ گذريل مهيني باهه لڳڻ سبب 20 گهر سڙي رک ٿي ويا هئا، جنهن ڪري گهرن ۾ پيل لکين رپين جو سامان تباهه ٿي ويو ۽ ڪيترائي جانور پڻ مري ويا هئا. باهه لڳڻ سبب جاني نقصان ته نه ٿيو، پر مالي نقصان تمام گهڻو ٿيو هو.سرڪاري امداد نه ملڻ سبب هلال احمر پاڪستان ٺٽو جي چيئرمين حاجي محمد حنيف ميمڻ پنهنجي مدد پاڻ تحت ۽ ڪجهه مخير حضرات جي سهڪار سان مذڪوره ڳوٺ ۾ ڊوگرا ڪچا گهر تعمير ڪرائي ڏنا، جڏهن ته روزمرهه جي ضرورتن جو سامان پڻ پنهنجي هٿن سان متاثرن ۾ ورهايو. ان سامان ۾ ڪپڙا، ٿانوَ، لحاف، ڪمبل، مڇردانيون ۽ ٻيون ضروري شيون شامل هيون.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حاجي محمد حنيف ميمڻ چيو ته اسان جي هميشه ڪوشش هوندي آهي ته جتي به اهڙو ڪو حادثو پيش اچي، اتي فوري طور مدد لاءِ پهچون. هن سال سئو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ اتفاقي باهه لڳڻ جا واقعا پيش آيا، جتي اسان متاثرن جي ڀرپور مدد ڪئي آهي، ۽ اهو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو.ڳوٺ جي متاثرن حاجي محمد حنيف ميمڻ جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪندي چيو ته هنن بروقت پهچي سندن مدد ڪئي، جنهن سان کين وڏي سهائتا ملي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو: ڳوٺ محمد حسن شيخ جي متاثرن ۾ س
0 تبصرے