English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ پروموشنن جي لاءِ ملازمن جو يارهين ڏينهن به احتجاج جاري
152 views
|
11th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري ۾ آل سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ريجنل ايمپلائيز يونين پاران احتجاج ڪيو ويو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ پروموشنن لاءِ ملازمن جو احتجاج يارهين ڏينهن به جاري، نئين سينيارٽي لسٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل موجب رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري ۾ آل سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ريجنل ايمپلائيز يونين (سي بي اي) پروموشنن لاءِ ملازمن جو احتجاج يارهين ڏينهن به جاري نئين سينيارٽي لسٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو، مرڪزي سينيئر نائب صدر ارشاد احمد جوڻيجو، يونٽ صدر ڀورل ڪوريجو ۽ ملازم اڳواڻ توفيق ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ گريڊ هڪ کان چار تائين جي ملازمن کي سندن جائز پروموشنن کان محروم رکيو پيو وڃي. هنن الزام هنيو ته ٽائيم اسڪيل حاصل ڪندڙ ملازمن کي سينيارٽي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ سبب ٻين ملازمن جي حق تلفي ٿي رهي آهي. احتجاج ڪندڙ ملازمن سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته ٽائيم اسڪيل ورتل ملازمن کي موجوده سينيارٽي لسٽ مان خارج ڪري نئين ۽ شفاف سينيارٽي لسٽ جاري ڪئي وڃي، جيئن گريڊ هڪ کان چار تائين جي ملازمن کي جلد پروموشن ڏئي سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي. هنن سنڌ جي وزير زراعت محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري زراعت سنڌ کان اپيل ڪئي ته ملازمن جي جائز مطالبن تي فوري ڌيان ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي ۽ حقيقي سينيارٽي جي بنياد تي پروموشنن جو عمل مڪمل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ۾ پروموشنن جي لاءِ ملازمن
0 تبصرے